حيدرآباد (بيورو رپورٽ) قاسم آباد واري علائقي ۾ پاڻ کي ايس ايچ او سڏرائيندڙ هڪ شخص پاران دڪاندارن کي هراسان ڪري گٿا لفظ ڳالهائڻ واري وڊيو وائرل ٿيڻ کانپوءِ پوليس معاملي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، قاسم آباد ٿاڻي جي پوليس جو چوڻ آهي ته انور نالي شخص جو تعلق گنجي ٽڪر واري علائقي سان آهي جيڪو ڄاڻايل اسٽور تان دوائون وٺندو رهي ٿو. ايس ايچ او اسلم پرويز ابڙو اها به دعويٰ ڪئي ته پوليس عملدار جو ميڊيڪل اسٽور هلائيندڙ ۽ ملازمن سان دوائن جي تبديلي واري معاملي تي تڪرار ٿيو هو ۽ وڊيو وائرل ٿيڻ بعد انهن معاملي جي جاچ شروع ڪندي ٻنهي ڌرين جا بيان قلمبند ڪيا آهن ۽ اڃا به معاملي کي وائکو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. واضح رهي ته مين روڊ قاسم آباد تي قائم اربش نالي ميڊيڪل اسٽور جي مالڪ مبينا الزام هنيو هو ته انور نالي شخص سندن ميڊيڪل اسٽور تي آيو ۽ پاڻ کي ايس ايچ او سڏرائي کين گٿا لفظ ڳالهائڻ کان علاوه اتي بيٺل هڪ ملازم تي الرون ڪندي مختلف قسم جون ڌمڪيون به ڏنيون. 4 آگسٽ تي پيش آيل واقعي جا سي سي ٽي وي فٽيج هڪ ڏينهن اڳ وائرل ٿيا هئا، جنهن بعد پوليس معاملي جي جاچ شروع ڪئي.