ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) ميرپورخاص لڳ علي بخش مري ڳوٺ ۾ گذريل ڏينهن ڪارنهن الزام هيٺ قتل ٿيل عورت سيما مري ۽ شمبو ميگهواڙ جو ڪيس مقتول عورت جي والد عبدالله مري پاران پنهنجي ڀاءُ جوابدار مٺو مري خلاف پراڻي ميرپور ٿاڻي تي داخل ڪرايو ويو آهي، رابطو ڪرڻ تي پوليس ٻڌايو ته مقتول ناري جي والد جي فرياد تي هڪ جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته مقتول شمبو ميگهواڙ جي وارثن کي گهرائي سندن بيان ورتو ويندو، پر اڃان تائين ھو ناھن پھتا، واضح رهي ته ڪيس ۾ نامزد ڪيل جوابدار مٺو مري اڳ ئي گرفتار ٿيل آھي،