اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ڊويزنل بينچ سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير قائم علي شاهه جي اسٽيل مل واري زمين ۾ غبن ڪرڻ واري نيب ريفرنس ۾ ضمانت واري درخواست نيب جي جواب کان پوءِ اڪلائي ڇڏي، ڪالهه چيف جسٽس اطهر من الله ۽ جسٽس عامر فاروق تي ٻڌل بينچ ٻڌڻي ڪئي، عدالت جي پڇاڻي تي قائم علي شاهه جي وڪيل ٻڌايو ته قائم علي شاهه وڏي ڄمار جو بزرگ آهي، ڇا ان عمر ۾ سندس گرفتاري ضروري آهي؟ نيب جي وڪيل جواب ڏيندي چيو ته اسٽيل ملز جي زمين غبن ڪرڻ واري ڪيس ۾ قائم علي شاهه جي گرفتاري جي ضرورت ناهي، جنهن کان پوءِ عدالت درخواست اڪلائي ڇڏي.