فيض گنج واسي اغوا ٿيل 2 واپاري بازياب ٿي گهر پهچي ويا

0
235

فيض گنج: فيض گنج واسي اغوا بعد بازياب ٿيل ڪاٺ جا واپاري محمد حسن راڄپر ۽ بشير مجيداڻو گهر پهچي ويا. وارثن ۾ خوشي جي لهر ڇانئجي وئي. ٻنهي واپارين کي 5 ڏينهن اڳ ۾ گهوٽڪي مان اغوا ڪيو ويوهو، جن کي پوليس آپريشن ڪري بازياب ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. فيض گنج اغوا بعد آزاد ٿيل ٻنهي واپارين جي وارثن کان ڏوهارين هڪ ڪروڙ20 لک رپيا ڀنگ طلب ڪيو هو.