فيض آباد ڌرڻي ڪميشن ۾ شهباز شريف جو بيان سامهون اچي ويو

0
23
فيض آباد ڌرڻي ڪميشن ۾ شهباز شريف جو بيان سامهون اچي ويو
فيض آباد ڌرڻي ڪميشن ۾ شهباز شريف جو بيان سامهون اچي ويو

فيض آباد ڌرڻي ڪميشن ۾ پنجاب جي تڏهوڪي وڏي وزير شهباز شريف جو ڪميشن آڏو بيان سامهون اچي ويو

فيض آباد ڌرڻي ڪميشن کي ڏنل بيان ۾ شهباز شريف چيو ته پنجاب ۾ امن امان بابت ڪابينا جي ذيلي ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ قانون وارو صوبائي  وزير ۽ ٻيا اهم صوبائي وزير شامل آهن

ٽي ايل پي تي پابندي بابت ڪا به انٽيليجنس رپورٽ صوبائي حڪومت سان شيئر نه ڪئي وئي،  ان وقت فيض آباد ڌرڻي جو اندازو نه هو

ڊي سي راولپنڊي، ڪمشنر، سي پي او ۽ آر پي او کان واضح هدايتون مليون هيون، امن امان بابت ڪميٽي آفيسرز کي هدايت ڪئي ته اسلام آباد انتظاميا کي هر ممڪن سهڪار فراهم ڪيو وڃي، ڪنهن تنظيم تي پابندي اينٽي ٽيررازم ايڪٽ ۾ ڏنل سخت معيار تحت  هوندي آهي

پابندي گهرو وزارت  پنهنجي مينڊيٽ موجب لاڳو ڪري سگهي ٿي، طاقت جي استعمال سان ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال پيدا ٿي سگهي ٿي، ٽي ايل پي جي اڳواڻن سان سياسي ڳالهيون هلي رهيون هيون، ٽي ايل پي ۽ وفاقي حڪومت وچ ۾ معاهدي تي اتفاق ڪيو ويو هو،  طئي ٿيو هو ته ٽي ايل پي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن خلاف ڪيسز قانوني طريقيڪار بعد ۾ واپس ورتا ويندا