ڇا سپريم ڪورٽ کي ٻاهر ويٺل قوتون ڪنٽرول ڪري رهيون هيون: چيف جسٽس

0
87

اسلام آباد:وفاقي حڪومت فيض آباد ڌرڻي واري فيصلي تي عملدرآمد لاءِ رٽائرڊ آءِ جي اختر علي شاهه جي سربراهي ۾ 3 رڪني انڪوائري ڪميشن جوڙي ڇڏي آهي

 انڪوائري ڪميشن ۾ اڳوڻو آءِ جي طاهر عالم ۽ ايڊيشنل گهرو سيڪريٽري خوشحال خان شامل آهن، جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ انڪوائري ڪميشن جا ٽي او آرز به درج ٿيل

 ٽي او آرز موجب انڪوائري ڪميشن ٽي ايل پي جي غير قانوني مالي مدد ڪندڙن جي جاچ ڪندي، انڪوائري ڪميشن فيض آباد ڌرڻي جي حمايت ۾ بيان ۽ فتويٰ ڏيندڙن خلاف ڪارروائي بابت تجويزون به پيش ڪندي

 انڪوائري ڪميشن پيمرا رولز جي ڀڃڪڙي ڪندڙ ڪيبل آپريٽرز ۽ براڊ ڪاسٽرز خلاف به جاچ ڪندي، انڪوائري ڪميشن ٻن مهينن اندر جاچ مڪمل ڪري پنهنجي رپورٽ وفاقي حڪومت حوالي ڪندي

چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ فيض آباد ڌرڻي ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيو ته پاڪستان مذاق نه آهي جو جڏهن چاهيو درخواست داخل ڪرائي ۽ جڏهن چاهيو درخواست واپس وٺي ڇڏي، نظرثاني درخواستون ايڏي عرصي تائين مقرر نه ٿيڻ تي اسان جي مٿان به سوال اٿن ٿا

رمارڪس ۾ وڌيڪ چيف جسٽس چيو ته  ڇا سپريم ڪورٽ کي ان وقت عدالت کان ٻاهر ويٺل قوتون ڪنٽرول ڪري رهيون هيون؟ اسان تنقيد برداشت ڪيون ٿا پر سسٽم کي استعمال ٿيڻ نه ڏينداسين

چيف جسٽس چيو ته سڀني کي خبر آهي ته درخواستون ڪنهن داخل ڪرايون، پر ڪير به ڳالهائي نه ٿو، اسان جو ٻيو ڪير دشمن نه آهي اسان پنهنجا دشمن پاڻ آهيون، درخواست واپس وٺڻي هئي ته پوءِ داخل ڇو ڪرائي وئي؟

هن چيو ته  اميد ٿا ڪيون ته وفاقي سرڪار جي جوڙيل انڪوائري ڪميشن حقيقتن جو پتو لڳائيندي

هي به پڙهندا

سپريم ڪورٽ سرڪاري آفيسرن لاءِ ”صاحب“ لفظ جي استعمال تي پابندي لڳائي ڇڏي