سپريم ڪورٽ سرڪاري آفيسرن لاءِ ”صاحب“ لفظ جي استعمال تي پابندي لڳائي ڇڏي

0
153
پاڪستان ۾ موسمياتي تبديليءَ کان وڏو ٻيو ڪو خطرو نه آهي: سپريم ڪورٽ
پاڪستان ۾ موسمياتي تبديليءَ کان وڏو ٻيو ڪو خطرو نه آهي: سپريم ڪورٽ

سپريم ڪورٽ سرڪاري آفيسرن لاءِ ”صاحب“ لفظ جي استعمال تي پابندي لڳائي ڇڏي، چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ ٻار جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي دوران صاحب لفظ جي استعمال تي پابنديءَ جو حڪم جاري ڪيو

 سپريم ڪورٽ پاران جاري ڪيل حڪم ۾ چيو ويو آهي ته ڪيس جي ٻڌڻي لاءِ هڪ ڊي ايس پي لاءِ صاحب جو لفظ استعمال ڪيو ويو، صاحب لفظ ڪنهن آزاد قوم جي عڪاسي نه ٿو ڪري، سرڪاري ملازم صاحب لفظ سان پاڻ کي احتساب کان مٿانهون تصور ڪن ٿا

 عدالت فيصلي جي ڪاپي واڳيل ڌرين ڏانهن اماڻڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، ٻار جي قتل ڪيس ۾ نامزد جوابدار جي ضمانت واري درخواست منظور ڪئي وئي

 چيف جسٽس پاران قتل ڪيس جي اڻپوري جاچ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو، ايڊيشنل ايڊوڪيٽ جنرل عدالتي ڪمري ۾ موجود جاچ آفيسر کان معلومات وٺڻ جي ڪوشش ڪئي

چيف جسٽس ڪاوڙ ظاهر ڪندي چيو ته توهان عدالتي ڪمري کي پنهنجي آفيس سمجهيو آهي ڇا؟ آفيس جا ڪم عدالتي ڪمري ۾ ڪرڻ مان غير سنجيدگي ظاهر ٿئي ٿي، جوابدار جاويد خان جي ضمانت منظور ڪئي وئي