فوجي پريڊ، عورت اهلڪارن کي لانگ بوٽ بدران کڙي وارا سينڊل پاتل

0
265

ڪيف (انٽريسٽنگ نيوز) يوڪرين ۾ روايتي يونيفارم پاتل عورت فوجين انوکي پريڊ ۾ ڳرا فوجي بوٽ پائڻ بدران ڊگهي کڙي وارا سينڊل پاتا ۽ ڪنهن به پريشاني کانسواءِ پريڊ مڪمل ڪري ورتي. انهن عورتن سوويت يونين جي خاتمي جي 30هين سالگره جي تيارين جي سلسلي ۾ پريڊ ۾ حصو ورتو، ان معمول واري پريڊ سوشل ميڊيا تي ماڻهن جو ڌيان ڇڪائي ورتو آهي ۽ هر ڪو ان بابت ڳالهائي رهيو آهي. اهو ڏکيو ڪم به عورت فوجين ڪري ڏيکاريو. ٻئي طرف مٿن سخت تنقيد به ڪئي پئي وڃي، تجزيا نگارن ان عمل کي توهين وارو قرار ڏيندي چيو آهي ته ان جي جيتري مذمت ڪئي وڃي گهٽ آهي.