عيسائين جي روحاني پيشوا پوپ فرانسس جي آنڊن جو ڪامياب آپريشن

0
228

ڪراچي(م ڊ) ڪيٿولڪ عيسائين جو روحاني پيشوا پوپ فرانسس جي آنڊن جو ڪامياب آپريشن ٿيو آهي، ويٽي ڪن سٽي جي موجب پوپ فرانسس جو آپريشن 10 رڪني طبي ٽيم ڪيو جيڪو ڪامياب ٿيو، آپريشن کانپوءِ 84 ورهين جو پوپ فرانسس هاڻي تيزي سان صحتياب ٿي رهيو آهي، ويٽي ڪن طرفان آپريشن جي حوالي سان وڌيڪ تفصيل جاري ناهي ڪئي وئي ۽ نه ئي هي ٻڌايو ويو آهي ته پوپ فرانسس روم جي جيملي اسپتال ۾ ڪيستائين داخل رهندو..