دوحا معاهدي جي ڀڃڪڙي ٿي ته سخت رد عمل ڏينداسين: طالبان ترجمان

0
226

ڪراچي(م ڊ) قطر ۾ طالبان جي سياسي آفيس جي ترجمان سهيل شاهين چيو آهي ته دوحه معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي ته سخت رد عمل ڏينداسين، برطانوي نشرياتي اداري سان ڳالهائيندي سهيل شاهين جو چوڻ هو ته سمورن غير ملڪي فوجين کي طئي ٿيل تاريخ تائين افغانستان کان وڃڻو پوندو نه ته سخت رد عمل ڏينداسين، هن جو چوڻ هو ته غير ملڪي فوجين جي وڃڻ بعد فوجي ڪنٽريڪٽرز سوڌو غير فوج کي افغانستان ۾ نه رهڻ گهرجي، دوحا معاهدي جي ڀڃڪڙي ٿي ته ڪيئين اڳتي وڌڻو آهي هي طالبان قيادت فيصلو ڪندي، طالبان ترجمان جو چوڻ آهي ته اسان سفارتخانن، اين جي اوز ۽ ان ۾ ڪم ڪرڻ وارن جي خلاف نه آهيون، اسان غير ملڪي فوجي قتون جي خلاف آهيون، اسان سفارتخانن، اين جي اوز ۽ ان ۾ ڪم ڪرڻ وارن لاءِ رڪاوٽون نه وجهنداسين.