ڀولڙو ٿيو ويٽر، پليٽون به ڌوئي صاف، صفائي واري ڪم جي وڊيو جا سوين پرستار

0
428

ڪراچي(انٽريسٽنگ نيوز) هيستائين توهان پالتو جانورن کي گهرن ۾ سمهندي، کائيندي ۽ مالڪ جي دل وندرائيندي ته ڏٺو هوندو پر اڄوڪي خبر شايد توهان اڳ ڪڏهن نه پڙهي هجي. سوشل ميڊيا تي هڪ ڀولڙي جي وڊيو تمام گهڻي وائرل ٿي وئي آهي. وڊيو جي شروع ۾ چانهه جي هوٽل جا منظر آهن جيڪي اڳتي هلن ٿا ته هڪ ڀولڙو نظر اچي ٿو جيڪو پليٽون ڌوئيندي ڏيکاريو ويو آهي. ڀولڙو پنهنجو ڪم نهايت سهڻي نموني ڪندو آهي. پليٽ صاف ڌوتل به آهي ۽ صفائي جي پڪ ڪرڻ لاءِ ڀولڙو پليٽ کي سونگهيندو به آهي. وڊيو جي مشهوري جو هڪ ٻيو سبب شاهه خان جي فلم رئيس جو اهو ڊائلاگ به آهي جنهن ۾ هو چوندو آهي ته امي جان چوندي هئي ته ڪو به ڌنڌو ننڍو ناهي هوندو، ڌنڌي کان وڏو ڪو مذهب ناهي هوندو.