فلٽر پلانٽن جي مالڪي ڪير ڪندو؟

0
223
“مسئلا گھر بڻيل” سول اسپتال ڪراچي ۽ سرڪار جون دعوائون!!

محسن ملاح محرابپور مان لکي ٿو

پاڻي زندگي جي بنيادي ضرورتن مان هڪ آهي، صاف پاڻي بنا صحت اڌوري هوندي آهي، صحتمند سماج لاءِ صاف پاڻي جو هجڻ ضروري آهي. سنڌ پرڳڻي جي ساهتي واري علائقي جي مشهور ڪاروباري ۽ تقريبن هڪ لک آبادي رکندڙ شهر محرابپور جنهن جي جر جو پاڻي ڪيترن ئي سالن کان سينکيو ملي وڃڻ سبب کارو بڻيل آهي. محرابپور واسين کي مٺي ۽ صاف پاڻي جي سهولت مهيا ڪرڻ لاءِ ڪجھه سال اڳ هتان جي انتظاميا پاران ٻه فلٽر پلانٽ ۽ هڪ فلٽر سنڌ سرڪار جي سهڪار سان لڳايا ويا هئا جيڪي انتظامي بي ڌياني سبب ناڪارا بڻيل آهن. انتظاميا خبر هئڻ باوجود انهن فلٽر پلانٽن کي هلرائڻ لاءِ ڪي به جوڳا اپاءُ ناهن ورتا، ٽن فلٽر پلانٽن مان ٻه فلٽر پلانٽ شهر جي باب فردوس چوڪ ۽ موجائي پاڙي وارا اٽڪل ٻن سالن کان ملازمن کي پگهارون نه ملڻ ۽ مرمت نه ٿيڻ سبب بند پيل آهن، جڏهن ته شهر جي ڳڙ منڊي ۾ لڳل ٽيون فلٽر پلانٽ پڻ اڪثر خراب ٿي وڃي ٿو، جنهن کي ڳڙ منڊي محرابپور جو واپاري اڳواڻ نصر الله جٽ ۽ ٻيا واپاري پنهنجي خرچ سان ٺهرائن ٿا جيڪو واحد فلٽر به ڪافي ڏهاڙن کان بند پيل آهي. شهري مٺو پاڻي حاصل ڪرڻ لاءِ سخت گرمي ۾ شهر کان ٻه کان ٽي ڪلو ميٽر پري وڃي نلڪن تان پاڻي ڀري اچڻ تي مجبور آهن يا وري 50 کان 80 رپين تائين مٺي پاڻي جو في گيلن خريد ڪن ٿا، جڏهن ته پورهيت ۽ غريب طبقو جر جو زهريلو پاڻي واپرائي خطرناڪ بيمارين ۾ مبتلا ٿي رهيو آهي. سرڪار پاران شهرين کي مٺي پاڻي جي سهولت لاءِ ڏنل ڪروڙين رپين واريون اسڪيمون پڻ انتظامي بي ڌياني سبب شهرين کي ڪو به لاڀ ڏئي ناهن سگهيون. شهرين پاران فلٽر پلاٽن جي ناڪارا هئڻ جون شڪايتون ڪيترائي ڀيرا اسسٽنٽ ڪمشنر توڙي پبلڪ هيلٿ جي عملدارن کي ڪيون ويون آهن پر انهن جو ڪوبه تدارڪ ٿي ناهي سگهيو. واٽر سپلاءِ جي اڻپورين اسڪيمن ۽ فلٽر پلانٽن جي ناڪارا هئڻ جون ڪيترائي ڀيرا خبرون پڻ ميڊيا ۾ اچڻ باوجود ڪنهن به ذميوار اعليٰ عملدار يا چونڊيل نمائندي ڪو نوٽيس ناهي ورتو جنهن سبب شهري مايوسي جو شڪار ٿي ويا آهن. ان حوالي سان اسسٽنٽ ڪمشنر اظهر لغاري جو چوڻ آهي ته شهر اندر لڳل فلٽر پلانٽ هن وقت پبلڪ هيلٿ کاتي جي حوالي ٿيل آهن، پبلڪ هيلٿ کاتي جي مقامي عملدارن کي فلٽر پلانٽ هلرائڻ جو چيو آهي هوڏانهن شهر جي سڄاڻ ڌرين موجب ته جر جو پاڻي کارو هجڻ سبب شهري سخت تڪليفن کي منهن ڏئي رهيا آهن، هئڻ ته ايئن گهرجي ته شهر جي 16 ئي وارڊن ۾ فلٽر پلانٽ رهواسين جي سهولت لاءِ لڳايا وڃن ليڪن انتظاميا صرف ٽي فلٽر لڳايا جيڪي پڻ ناڪارا آهن انهن کي هلرائڻ لاءِ پبلڪ هيلٿ کاتي جا عملدار تيار ناهن ۽ پبلڪ هيلٿ کاتي جي آفيس ڪنڊيارو ۾ هجڻ سبب عملدارن محرابپور اچڻ ڇڏي ڏنو آهي. ٻئي پاسي شهر جي مشهور ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته جر جو پاڻي پيئڻ جي قابل ناهي رهيو جر جو سينکيو مليل پاڻي واپرائڻ سبب گيسٽرو، گردن، معدي، هيپاٽائٽس، جگر، سميت مختلف خطرناڪ بيماريون پيدا ٿي رهيون آهن انهن بيمارين جا ڪافي مريض علاج لاءِ اچن پيا. انتظاميا کي گهرجي تي جلد فلٽر پلانٽ چالو ڪرائي شهرين کي صاف پاڻي مهيا ڪري خطرناڪ بيمارين ۾ مبتلا ٿيڻ کان بچايو وڃي. ضرورت ان ڳالھه جي آهي ته پبلڪ هيلٿ کاتي جي صوبائي وزير ۽ ٻين تمام وس وارن کي گهرجي ته فوري طور تي معاملي جو نوٽيس وٺي بند پيل فلٽر پلانٽ کولرائي واٽر سپلاءِ جون غير مڪمل اسڪيمن کي جلد مڪمل ڪرائي غير ذميواري جو مظاهرو ڪندڙ عملدارن خلاف سخت ڪارروائي ڪري هتان جي عوام کي مٺي ۽ صاف پاڻي جي سهولت فراهم ڪري وڌيڪ فلٽر پلانٽ پڻ لڳايا وڃن ته جيئن شهري صاف ۽ مٺو پاڻي واپرائي خطرناڪ بيمارين ۾ مبتلا ٿيڻ کان بچي سگهن.