سنڌي ٻوليءَ جي بگاڙ کي روڪي سگهجي ٿو

0
781

ڌرتيءَ تي جيترا به جاندار آهن. قدرت طرفان انهن سڀني کي مختلف آواز ڏنا ويا آهن. جنهن ۾ پکين جون لاتون، چوپائي مال جا آواز، جهرجهنگ ۽ پاڻيءَ ۾ رهندڙ جانورن جا آواز اچي وڃن ٿا. انهن آوازن کي سندن ٻولي به چيو ويندو آهي. اهڙي نموني انسانن جا به مختلف آواز ٿين. جيڪي انسانَ پنهنجي سوچ، سمجهه، خوشي، ڏک، تڪليف، خوف ۽ عام حالتن کي ظاهر ڪرڻ لاءِ ڪڍي ٿو. ڌرتيءَ جي ننڍن ننڍن حصن تي رهندڙ ماڻهو، جڏهن پنهنجي حالتن کي بيان ڪرڻ لاءِ ساڳيا آواز ڪڍن ٿا ته اهي آواز گڏجي اتان جي ٻولي سڏائي ٿي. دنيا تي جيتريون به ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون، انهن جو بنياد نالن تي آهي. اهي ٻوليون جن ۾ نالا وڏي انگ ۾ ملن ٿا؛ اهي دنيا جون شاهوڪار ٻوليون سڏائن ٿيون. حضرت آدم جو بهشت ۾ رهڻ به سکيا لاءِ هو. کيس کائڻ پائڻ، غلطين مان گذرڻ جي پڻ تربيت ڏني وئي. اهم ڳالهه ته کيس ٻولي پڻ سيکاري وئي. قرآن مجيد موجب شروعات ۾ کيس شين جا نالا سيکاريا ويا. جنهن مان ثابت ٿيو ته ٻوليءَ جو بنياد نالا آهن. پاڪ ڪتاب ۾ انساني قبيلن سان گڏ انهن جي ٻولي خلقڻ پڻ شامل آهي. ٽين ڳالهه ته ڪيولين جو پاڻ ۾ ڳالهائڻ به بيان ٿيل آهي. هن مان سمجهجي ٿو ته دنيا تي مختلف قومون ۽ انهن جون مختلف ٻوليون، هڪ فطري عمل آهي. منهنجي خيال ۾ ٻولين کي هٿ وٺي ختم ڪرڻ يا بگاڙڻ فطرت سان ڇيڙڇاڙ برابر آهي.سنڌي ٻولي به دنيا جي اوائلي ٻولين ۾ شامل ٿئي ٿي. جنهن ڌرتيءَ تي هيءَ وجود رکي ٿي، ان کي رب پاڪ سڀئي خوبيون ڏنيون آهن. هن ڌرتيءَ تي جبل به آهن ته دنيا جو ستون نمبر وڏو درياءَ پڻ آهي. هتي ٻيلا به آهن ته ڍنڍون به آهن. هتي سمنڊ ڪنارو به آهي ته وارياسو به آهي. هتي زرخيز زمين به آهي ته هتي سال جون چار مندون پڻ آهن. هتي پوکون به ٿين ته ميوات پڻ ٿئي. هتي ٿر ۾ ڏڪار به پوي ته وري مينهن پوڻ سان خوشحالي پڻ ٿيو وڃي. هتان جا ماڻهو پرامن رهندي پنهنجي حق حڪمرانيءَ جي تاريخ به رکن ٿا. پورهيي سان پيار ڪندڙ هتان جي ماڻهن ڌاري ڪاهه سان ويڙهه جي تاريخ به رکن ٿا. ڏيهي پرڏيهي واپار ڪندڙ سنڌي ماڻهن پوکي راهيءَ کي به نه ڇڏيو. سڌريل معاشري کي جيترا به هنر گهربل آهن؛ سنڌي ماڻهن انهن ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو آهي. وڻن، ٻوٽن، گاهن، مال متاع، جبلن، رستن، پوکن، ميوات، درياءَ سمنڊ جي گهيرن، درياءَ جي پڇاڙ، انسانن، جيتن، پکين، چوپائي مال، جهنگ جي جانورن، تارن، طرفن، گلن، تور ماپ، ڊيگهه، وقت ويندي پاڻيءَ جي جانورن جا نالا مقرر ڪيا. جنهن سان هزارين نالن تي بيهڪ رکندڙ سنڌي ٻولي دنيا تي اڄ به نروار بيٺي آهي. سنڌي ماڻهن سنڌي ٻوليءَ سان محبت ڪندي، کيس پنهنجي لکت وارو روپ پڻ ڏنو. موهن جي دڙي کان اڄ ڏينهن تائين، پنهنجي لپي مٽيندي، لکت واري صورت بحرالحال بحال رکندي پئي اچي. موهن جي دڙي وارا ته ايترا سجاڳ جو پنهنجي سامان تي سنڌي لکت واريون مهرون هڻي، سڄي دنيا تي سنڌي ٻولي پهچائي ڇڏي. جيئن هن وقت چين جي ٺهيل ڪا به شيءِ وٺو ته ان سان گڏ چيني ٻوليءَ ۾ لکيل هڪ پرچي ضرور ملندي. جنهن سان چيني ٻولي سڄي دنيا تي سفر پئي ڪري.سنڌي ٻوليءَ ۾ بگاڙ اصل ۾ اسان سنڌي ماڻهن ئي وڌو آهي. خاص ڪري جڏهن کان سنڌيءَ سان گڏ ٻي ڌاري ٻولي به پڙهڻ سکياسين. عربن جي فتح کانپوءِ هتي جي سرڪاري ٻولي عربي بڻي. ايرانين ۽ قنڌارين فارسي لاڳو ڪئي. جڏهن ته انگريزن سرڪاري زبان انگريزي رکندي، سنڌي ٻوليءَ کي اڳتي آڻڻ ۾ پنهنجو پورو ڪردار پڻ ادا ڪيو. هن وقت عربي فارسي لفظن تي بيهڪ رکندڙ ٻولي نئين نالي سان سرڪاري ٻولي بڻي بيٺي آهي. سنڌي ماڻهن اسلام ۾ داخل ٿيڻ کان بعد دين جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ عربي پڙهڻ شروع ڪئي. مذهبي اڳواڻن وٽ مسلمان ٿيڻ ڄڻ وڃي عرب ٿيڻ ٿيو. انهن هٿان سنڌي نالن جي جاءِ عربيءَ سان مٽائڻ شروع ڪئي. جيئن ٻيپهري وڃي ظهر ٿي. سومهڻي وڃي عشاءِ بڻي. اسر وڃي سحري ٿي. وڏل وڃي اڪبر ٿيو. ننڍل وڃي اصغر ٿيو. گلاب يا موتيو وڃي ريحان ٿيو. ميوو وڃي ثمر مبارڪ بڻيو. ڏيئو وڃي مصباح ٿيو. اڳتي هلي جڏهن گلستان بوستان دين جو ڪتاب ٿيو ته فارسي لفظن سنڌي نالن کي پوئتي ڌڪڻ شروع ڪيو. جنهن سان مائي ڀاڳي وڃي بختاور بڻي. باغ نالو وڃي گلشن بيٺو. موهڻي وڃي ماهنور ٿي. عورتون به وڃي ڪا ثريا ته ڪا عروسه بڻيون ۽ ايئن اهي خالص سنڌي نالا جنهن ۾ دعا به هئي ته عقيدو به، تاريخ به هئي ته ساراهه به، لاڏ ڪوڏ ۽ پيار به هو. جهڙوڪ ختم ٿي ويا آهن. ساڳي ڳوٺ ۾ ساڳئي نالي وارا ٻه ٽي ماڻهو به هوندا آهن، پر جيڪڏهن سنڌين وڻن، ٻوٽن، گلن، ميوون ۽ انسانن جا ساڳيا نالا رکيا ته ڄٽڪي ٿي پئي! مان پڪ سان چوان ٿو ته هن وقت سنڌي ماڻهن تي رکيل نالن جي معنى مطلب جي خبر نه پيءُ ماءُ کي آهي نه ان شخص کي جنهن تي نالو پيل آهي…
بس غلام بڻائيندڙ نالن ۾ خوش آهيون بس چپ چڱي آهي!! سنڌ جي ٻهراڙيءَ مان سرندي وارن ۽ ننڍي وڏي سرڪاري نوڪريءَ وارن حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ ۾ اچي رهڻ شروع ڪيو، پر شهر جي دڪاندار جي اڳيان اهڙي حقير جو پنهنجي ٻولي وساري ايئن ڳالهائن ڄڻ اڄ لکنوءَ يا دهليءَ مان پڙهي آيا هجن. سنڌي ٻوليءَ ۾ بگاڙ وڌائيندا رهن ٿا. سندن ڳالهائڻ ۾ ڀروارو مٽجي برابر وارو ٿيو، پاڙي وارو مٽجي پڙوسي ٿيو، ماسي مٽجي خاله ٿي ۽ ٻهاريدار عورت ماسي بڻجي وئي! وڏي هام ٿا هڻون ته سنڌي اخبارون ۽ سنڌي چينل ٻوليءَ کي زندگي پيا بخشين، پر سچ هي آهي ته جيئن عربي فارسي سنڌي ٻوليءَ ۾ هن وقت اهي گڏي رهيا آهن، ته مشڪل اڳي ٿيو هجي. سنڌي اسڪول ۾ پڙهندڙ ٻار سال ۾ هڪ سنڌي ڪتاب پڙهي ٿو. ان ڪتاب جي صفحن برابر روز سنڌي اخبار ڇپجي ٿي. سمجهو ته سال ۾ پڙهڻ جيترو ڪتاب اسان بگڙيل سنڌيءَ سان ڏهاڙي پيا پڙهون. جنهن سان ٻولي بگاڙ اڃا به پختو ٿيندو ٿو وڃي. چينلن تي پڙهيون ويندڙ خبرن جي ٻوليءَ سان به ساڳيو حشر آهي، اڱڻ مٽجي احاطو ٿيو. ماءُ مٽجي والده ٿي. اگهه مٽجي نرخ ٿيو. مال جا واڙا يا مال جا وٿاڻ مٽجي ڀينس ڪالوني ٿيا. پهچائڻ مٽجي، منتقل ٿيو. ڄاڻ مٽجي آگاهي ٿيو. هٿ ڪرڻ مٽجي بازياب ٿيو. شڪي مٽجي مشتبه ٿيو. مڃڻ مٽجي اعتراف ڪرڻ ٿيو ۽ قابو ڦري ضابطو ٿيو. حد ته هي آهي جو زرعي اشتهارن ۾ چانورن جو ٻج ۽ ڪچهه جو ٻج لکجي ٿو. جيڪو اصل ۾ سارين وونئڻن جو ٻج لکڻ گهرجي.
سبب هي آهي ته سنڌي نه پڙهائيندڙ اسڪولن مان پڙهيل سنڌي نوجوان اچي ڪم تي چڙهيا آهن ۽ جنهن ٻوليءَ مان خبرون کڻن ٿا. انهيءَ جا ساڳيا لفظ سنڌيءَ ۾ هڻي پيا ڪم هلائن. ڇو ته کين خبر ئي نه ٿي پوي ته سنڌي ڇا ته عربي ڇا!؟ ٽيون وار هي ته ڇا زرعي يونيورسٽي پاس ڪئي سين ۽ هيڏانهن هر، ڪيڻ، کوهه، نار، مال، وٿاڻ، پوکي راهي فصل، پکي جيت جڻيا مڇي، ڪڪڙ، گاهه گل، مطلب ته سنڌي نالن کي وري انگريزيءَ سان پيا سڏيون. سنڌي ٻوليءَ سان ايڏي ويڌن، اسان نام نهاد پڙهيل لکيل سنڌين ئي ڪئي آهي. ڀٽائيءَ جي سٽ “جي تون پڙهئين فارسي، تان تون گولو غلام” کي ڪفن پارائي ڇڏيو آهي ۽ “هئي سنڌ وارن جي ٻولي” سٽ ڏانهن ڊوڙن پائي رهيا آهيونهن سڄي لقاءُ ۾ منهنجا ڪجهه سوال آهن. هڪ ته ٻوليءَ جي ان سڄي بگاڙ تي ٻوليءَ جي نالي تي ٺهيل ادارا ۽ تنظيمون ڇا پيون ڪن؟ جڏهن به انهن کان ان مامري بابت پڇيو وڃي ٿو ته هڪ اڇوت سٽ تي ٻڌل جواب ملي ٿو ته “هر زنده ٻولي، ٻين ٻولين جا لفظ قبول ڪنديون آهن.” پر مان ان جي بلڪل ابتڙ سوچيان ٿو ته سدائين کٽل ٻوليون ئي ٻين ٻولين مان لفظ قبول ڪنديون آهن. ياد رهي ته پراوا نالا ٻوليءَ ۾ شامل ڪرڻ ايئن آهي جيئن اسان پنهنجي ٻارن کي گهران لوڌي سينٽرن تان ٻار وٺي پاليون. پوءِ ڇا هي اسان جا وارث ٿيندا!؟ هن سڄي منظر ۾ وري هڪ ٻيو پاسو پڻ آهي ته لک لهن ٻهراڙيءَ جا ريڍار، ٻڪرار ۽ هاري ناري جيڪي ڄٽ سڏائيندي به سنڌي ٻوليءَ جا اڄ به امانتدار آهن. پوري سنڌ ۾ هڪ ماڻهو ئي سجاڳ ٿئي ۽ روز هڪ لفظ جي سنڌي ادارن کي ڌيان ۾ ڏياري ته سنڌي ٻولي پنهنجي بگاڙ کي بچي سگهي ٿي.