امريڪا سان وڌيڪ ڳالهين لاءِ تيار آهيون: روسي صدر

0
292

ماسڪو: روسي صدر ولاديمير پيوٽن لاڳاپن جي بهتري لاءِ امريڪا سان ڳالهيون جاري رکڻ جي خواهش جو اظهار ڪندي ان کي امريڪي حڪومت جي خواهش سان مشروط ڪري ڇڏيو آهي. روسي صدر جو بيان 16 جون تي جينيوا ۾ آمريڪي صدر جو بائيڊن سان ملاقات کانپوءِ آيو آهي. ٻنهي اڳواڻن سرد جنگ جي خاتمي کانپوءِ ٻنهي ملڪن وچ ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ کي گهٽائڻ لاءِ ملاقات ڪئي، جنهن کي ڪنهن قدر دوستاڻي ملاقات قرار ڏنو ويو. ملاقات کانپوءِ روسي صدر بيان ڏنو ته آمريڪا سان لاڳاپا بهتر بڻائڻ لاءِ وڌيڪ ڳالهيون آمريڪا جي خواهش سان مشروط هونديون. پنهنجي تقرير ۾ پيوٽن چيو ته جيڪڏهن آمريڪا تيار آهي ته روس به انهن سان لاڳاپن کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ وڌيڪ ڳالهيون ڪرڻ لاءِ تيار آهي. هن بائڊن سان ٿيل ملاقات کي ”دوستاڻي ملاقات“ قرار ڏنو ۽ چيو ته ملاقات کانپوءِ ٻئي اڳواڻ اهم معاملن کي سمجهڻ ۾ ڪامياب ويا هئا.