فلم جي شوٽنگ دوران مرندي مرندي بچي آھيان: نورا فتيحي

0
378

ممبئي(شوبز نيوز) ڀارت جي ناليواري سيليبرٽي نورا فتحي فلم ۾ هڪ گاني جي شوٽنگ دوران مرندي مرندي بچڻ جو انڪشاف ڪيو آهي.ڀارتي ميڊيا جي رپورٽ موجب نورا فتحي ٻڌايو ته گاني جي شوٽنگ دوران جيڪو هن لباس پهريو هو ان جي ڪري انجو ڳلو دٻجي ويو هو ۽ ساهه منجهي رهيو هو.پنهنجي هڪ تازي انٽرويو ۾ نورا فتحي ٻڌايو ته ستياميوا جياتي 2 جي گاني ”ڪوسو ڪوسو“ جي شوٽنگ دوران هوءَ وڏي مصيبت ۾ اچي وئي هئي

هن ٻڌايو ته گاني جي لاءِ جيڪو لباس پهريو هو ان جي ڪري ڳچي ۾ پهريل هار ڳلي کي دٻائي ڇڏيو هو.نورا ٻڌايو ته جڏهن شوٽنگ ختم ٿي ۽ لباس تبديل ڪيو ته ڳلي تي ان هار جا نشان هئا.سيليبرٽي موجب ان دوران ان جو ساهه منجهڻ کان بچاءُ ٿي ويو ڇو ته هن ان ڊريس کي پهري 6 ڪلاڪن تائين شوٽنگ ۾ حصو ورتو هو.