آء سي سي انڊر نائنٽين ورلڊ ڪپ 14 جنوري 2022ع تي ٿيندو، شيڊول جاري

0
226
آء سي سي انڊر نائنٽين

دبئي ( اسپورٽس نيوز) آء سي سي انڊر نائنٽين ورلڊ ڪپ 14 جنوري 2022ع تي ٿيندو، شيڊول جاري ٿي ويو آهي. انٽر نيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل موجب ايونٽ 14 جنوري کان 4 فيبروري. تائين ويسٽ انڊيز م ٿيندو، 16 ملڪن جون ٽيمون شرڪت ڪنديون. 16 ملڪن جي ٽيمن وچ ۾ 4 شھرن ۾ 48 ميچز ٿينديون

انٽر نيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل موجب گروپ اي ۾ بنگلاديش، انگلينڊ، ڪينيڊا، گڏيل عرب امارات شامل آهن، گروپ بي ۾ ڀارت، آئرلينڊ، ڏکڻ آفريڪا ۽ يوگينڊا کي شامل ڪيو ويو آهي. گروپ سي ۾ افغانستان، پاڪستان، پاپوانيوگيني ۽ زمبابوي شامل آھن، جڏھن تہ آسٽريليا، اسڪاٽ لينڊ، سريلنڪا ۽ ويسٽ انڊيز ٽيمون گروپ ڊي جو حصو ھونديون.