فلسطينين تي اسرائيل جي ظلم خلاف  مسلمان ملڪن جا سربراهه گڏ ٿي ويا، فوري جنگبندي جو مطالبو ڪيو ويو آهي

رياض ۾ او آءِ سي ۽ عرب ليگ جو گڏيل هنگامي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ فلسطينين جو قتلام فوري بند ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي

ترڪ صدر رجب طيب اردوان چيو آهي ته اسرائيل جيڪو ڪجهه ڪيو کيس ڳري قيمت ادا ڪرڻي پوندي، اسرائيلي حڪمرانن جي جنگي ڏوهن کي عالمي عدالت ۾ کڻي وڃڻو پوندو،  مسجد اقصيٰ اسان جي ريڊ لائين آهي، فلسطين جو مسئلو حل ڪرڻ بنا اسرائيل سان لاڳاپا نٿا رکي سگهجن

فلسطيني صدر محمود عباس چيو ته اسرائيل فلسطينين جي نسل ڪشي ڪري رهيو آهي، جڏهن عورتن ۽ ٻارن کي به ماريو وڃي ته پوءِ ان کي جنگ نه چئبو آهي، عرب ۽ اسلامي ملڪن جا سربراهه پنهنجي ذميواري محسوس ڪن، مسئلي جو حل اهو آهي ته اولهه ڪناري، غزه ۽ بيت القدس کي فلسطيني رياست جو حصو بڻايو وڃي

سعودي ولي عهد محمد بن سلمان چيو ته اسان اسرائيل پاران غزه تي مڙهيل جنگ کي رد ڪيون ٿا، اسرائيل غزه جو گهيرو فوري طور ختم ڪري

ايران جي صدر ابراهيم رئيسي چيو ته خطي جي تاريخ جو فيصلائتو وقت آهي، غزا جا ماڻهو عالم اسلام جا هيروز آهن، مسلمان اتحاد جو مظاهرو ڪن، فلسطيني عوام کي اسان جي ضرورت آهي، اسرائيل فلسطين جي معصوم ٻارڙن ۽ عورتن سان ظلم ڪري رهيو آهي، بيگناهه ٻارڙن کي شهيد ڪرڻ بند ڪيو وڃي، آمريڪا اسرائيل جي حمايت ۾ جنگي جهاز فراهم ڪيا

قطر جي امير  شيخ تميم چيو ته اسرائيل غزا جي معصوم فلسطينين تي وحشياڻي بمباري ڪري رهيو آهي، عالمي برادري فوري جنگبندي ڪرائي