متحده کانپوءِ ن ليگ پاران سنڌ جي ٻين سياسي جماعتن سان به اتحاد جون ڪوششون

0
159
متحده کانپوءِ ن ليگ پاران سنڌ جي ٻين سياسي جماعتن سان به اتحاد جون ڪوششون
متحده کانپوءِ ن ليگ پاران سنڌ جي ٻين سياسي جماعتن سان به اتحاد جون ڪوششون

نواز ليگ ايم ڪيو ايم کانپوءِ سنڌ جي ٻين سياسي جماعتن سان به اتحاد جون ڪوششون تيز ڪري ڇڏيون آهن

خواجه سعد رفيق ۽ اياز صادق جي اڳواڻي ۾ وفد ڪراچي پهچي ويو، ن ليگ جو وفد جي ڊي اي سربراهه پير پاڳاري سان ملاقات ڪندو

نواز ليگ جو وفد ايم ڪيو ايم جي مرڪز بهادر آباد به ويندو، جتي سياسي صورتحال ۽ اڳتي جي حڪمت عملي تي مشاورت ڪئي ويندي

ذريعن موجب ملاقاتن دوران سنڌ مان گڏجي چونڊ وڙهڻ ۽ مستقبل جي سياست بابت حڪمت عملي جوڙي ويندي

ن ليگ سهولتڪاري نه پر شفاف چونڊن سان حڪومت ٺاهيندي: راڻا ثناءُ الله

ن ليگ اڳواڻ راڻا ثناءَ الله چيو آهي ته ن ليگ سهولتڪاري نه پر شفاف چونڊن سان پنجاب ۽ وفاق ۾ حڪومت ٺاهيندي

هن چيو ته نواز شريف ٻين صوبن جا به دورا ڪندو،  پوري اميد آهي ته نواز شريف کي ايندڙ ڪجهه هفتن ۾ انصاف ملي ويندو

راڻا ثناءُ الله چيو ته نئين پاڪستان جو تجربو ناڪام رهيو، هڪ هڪ ڊالر جي لاءِ آءِ ايم ايف کي منٿون ڪري رهيا آهيون

ن ليگ پاران چوڌري نثار جي تڪ تان به پنهنجو اميدوار بيهارڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي