اسلام آباد: پي ڊي ايم جي اجلاس ۾ ذريعن مطابق پي ڊي ايم سربراهه مولانا  فضل الرحمان وزيراعظم شهباز شريف جي نرم پاليسي تي شديد اعتراض واريندي وزيراعظم تي تنقيد ڪئي آهي، ذريعن مطابق مولانا فضل الرحمان عمران خان جي ضمانت رد ڪرائڻ لاءِ وفاقي حڪومت کي فوري ڪردار ادا ڪرڻ جو مطالبو ڪيو، پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان پيپلزپارٽي، اي اين پي کي وري پي ڊي ايم ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏني ۽ تجويز ڏني ته پي ڊي ايم جي اجلاس کي وڌيڪ ڏينهن لاءِ جاري رکي حڪومتي  اتحاد ۾ شامل پارٽين جي سربراهن کي به پي ڊي ايم ۾ شامل ڪرڻ جي دعوت ڏيون ٿا.