فريدآباد: ام رباب باهه متاثرين وٽ پهچي وئي، ذميوارن خلاف ڪارروائي جو مطالبو

0
358
فريدآباد: ام رباب باهه

فريدآباد (ن پ ا) ام رباب چانڊيو باھه متاثرين ۽ سڙي فوت ٿي ويل معصوم ٻارڙن جي وارثن وٽ پهچي تعزيت ۽ ڏک جو اظهار ڪيو آهي

ام رباب چيو ته واقعي جي جوڊيشل انڪوائري ڪرائي غفلت ڪندڙ ذميوار انتظاميه خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي ته جئين آئينده اھڙو ڪوبه افسوس ناڪ واقعو پيش نه اچي سگهي

هن چيو ته چيف جسٽس آف سنڌ ھاءِ ڪورٽ کي پاڻمرادو نوٽيس وٺي 18 ڪلاڪن بعد فائر برگيڊ گاڏيون پھچائيندڙ انتظاميه خلاف ڪارروائي ڪري کين سخت سزا ڏني وڃي

 دعا گهرڻ دوران ام رباب چانڊيو وٽ فوتي معصوم ٻارڙن جي امڙين ۽ وارثن جون دانهون ڪيون، جنهن تي هن چيو ته انتظاميه پھرئين نوٽيس وٺي ھا ته ايڏو وڏو انساني سانحو پيش نه اچي ھا

ام رباب پاران سڙي فوت ٿيل معصوم ٻارڙن جي وارثن کي  ڏھه، ڏھه ھزار ڏنا ويا ۽ متاثرن لاءِ 100 راشن جا ڪٽا پڻ آندا ويا جيڪي متاثرن ۾ ورھايا

ھي به پڙھندا

فريدآباد باهه واقعو، سڀ ڪجهه ختم ٿيڻ بعد پي ڊي ايم اي جاڳي پئي