غوثپور (ن پ ا) غوثپور شهر جي غريب آباد پاڙي جي رهواسڻ مسمات مختيار خاتون گذريل ڏينهن کان غوريب آباد پاڙي مان پراسرار نموني گم ٿي وئي، گم ٿي ويل عورت جي مڙس اجو ميراڻي ان حوالي سان غوثپور ٿاڻي تي رپورٽ درج ڪرائيندي چيو ته برادري جي ماڻهن سان جهيڙو هلندڙ آهي، جنهن تان مخالف ڌر جي ماڻهن منهنجي غيرموجودگي ۾ گهر تي ڪاهه ڪري هٿيارن جي زور تي منهنجي زال مختيار خاتون کي اغوا ڪري فرار ٿي ويا آهن، هن چيو ته پوليس مدد ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، نوٽيس وٺي زال واپس ڪرائي وڃي، ٻي طرف غوثپور پوليس ٻڌايو ته غريب آباد پاڙي جي رهواسي اجو ميراڻي نالي همراهه پنهنجي زال جي گم ٿي وڃڻ جو اطلاع ڏنو آهي، جنهن بعد جاچ شروع ڪئي، پوليس موجب عورت کي اغوا ناهي ڪيو ويو پر عورت رضا خوشي سان پنهنجي گهران نڪري وئي آهي.