ٺٽو (رپورٽر) ٺٽي ۽ مڪلي ۾ پيئڻ جي پاڻي جو بحران شدت اختيار ڪري ويو. 15 ڏينهن گذرڻ کان پوءِ به بحران جو حل نه ٿي سگهيو. ٺٽي ۽ مڪلي واسين پبلڪ هيلٿ کاتي سميت ميونسپل ڪاميٽي ٺٽو ۽ ٽائون ڪاميٽي مڪلي جي انتظاميا کي فوري پاڻي جي فراهمي نه ڪرڻ جي صورت ۾ سخت احتجاج جو چتاءُ ڏئي ڇڏيو آهي. گذريل ٻن هفتن کان ٺٽو شهر جي 9 ۽ مڪليءَ جي 7 ئي وارڊن پيئڻ جي پاڻي جو بحران شدت اختيار ڪري ويو آهي. پاڻيءَ جي برقرار سبب ٻنهي جاڙن شهرن جا 4 لک کان وڌيڪ رهواسي رمضان جي ڀلاري مهيني ۾ به پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي کان محروم ٿي ويا آهن. هوڏانهن ٻنهي شهرن جي رهواسين پبلڪ هيلٿ کاتي سميت ميونسپل ۽ ٽائون ڪاميٽي مڪلي جي انتظاميا کي ڇتاءُ ڏيندي مطالبو ڪيو آهي ته فوري طور تي پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي بحال نه ڪئي وئي ته ٺٽو ۽ مڪلي ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.