عورت جج ۽ پوليس آفيسرن کي ڌمڪين وارو ڪيس: عمران خان کي ھر صورت ۾ 12 وڳي پيش ٿيڻ جو حڪم

0
586
پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي وڌيڪ هڪ ٻي مبينا آڊيو وائرل
پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي وڌيڪ هڪ ٻي مبينا آڊيو وائرل

اسلام آباد: عورت جج ۽ سينيئر پوليس آفيسرن کي ڌمڪيون ڏيڻ واري ڪيس ۾ عدالت عمران خان کي هر صورت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي 12 وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏي آھي

اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج راجا جواد عباس حسن جي سربراهي ۾ اسلام آباد پوليس جي عورت جج ۽ سينيئر آفيسرن کي ڌمڪيون ڏيڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي

عمران خان جي وڪيل بابر اعواڻ عدالت ۾ عمران خان جي ضمانت لاءِ لکت ۾ درخواست جمع ڪرائي ۽ جج سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته منهنجي موئڪل کي ضمانت ڏني وڃيفارن فنڊنگ ۽ نااهلي ريفرنس

جنهن تي جج رمارڪس ڏيندي چيو ته اهڙو مثال ناهي، جيڪو عدالت ۾ اچي، جيڪڏهن ضمانت ڏني وڃي ته توهان جي موئڪل کي ضمانت لاءِ عدالت ۾ پيش ٿيڻو پوندو

بابر اعواڻ ايڊووڪيٽ چيو ته منهنجو موئڪل اسلام آباد ۾ آهي، پوليس لکيو آهي ته عمران خان جي جان کي خطرو آهي، پوليس جو ڪم سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ آهي

جج پبلڪ پراسيڪيوٽر کان پڇاڻو ڪيو ته ست اي ٽي اي ڏوھ کانسواءِ ڪڏھن داخل ٿي توهان ٻڌايو ته ڪهڙي ڪلاشنڪوف ورتي وئي ۽ ڪهڙي خودڪش جيڪٽ سان حملو ڪيو ويو

جج رمارڪس ڏنا ته جن ٻن ايگزيڪيوٽو آفيسرن کي ڌمڪيون ڏنيون ويون آهن اهي به پنهنجو بيان پڙهي ٻڌائين ته اهو سچ آهي يا نه، جنهن تي پبلڪ پراسيڪيوٽر چيو

ھي به پڙھندا

دھشتگردي ٽوڙ عدالت عمران خان جي عبوري ضمانت منظور ڪري ورتي

نيٺ عمران خان کي به ٻوڏ متاثرن جو خيال اچي ويو