ماسڪو(دلچسپ نيوز) عورتون خوفناڪ حادثي کان ذري تان بچي ويون. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب روس جي شهر ماسڪو ۾ 2 عورتون هڪ عمارت ۾ داخل ٿيون،عورتون جيئن ئي مرڪزي دروازي وٽ پهتيون ته پهرين ماڙ جي بالڪوني مان هڪ وڏو بورڊ ٽٽي پيو، بورڊ ٻنهي عورتن جي پاسي مان اچي هيٺ ڪريو ۽ هو بچي ويون، بورڊ ڪرڻ سبب عورتون خوف ۾ وٺجي ويون، جڏهن ته هڪ عورت ٿاٻڙجڻ سبب معمولي زخمي ٿي پئي. حادثي جي وڊيو وائرل ٿي وئي جڏهن ته عورتن زندگي بچڻ تي شڪريو ادا ڪيو.