عمر شريف جو جرمني ۾ ڊائلاسز ٿيڻ جو امڪان

0
540

برلن(شوبز نيوز) ليجنڊ اداڪارعمر شريف جو جرمني ۾ ڊائلاسز ٿيڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ موجب ليجنڊ مزاحيا اداڪار عمر شريف جي طبيعت خراب ٿيڻ سبب سندس آمريڪا منتقلي في الحال رڪيل آهي.

ڊاڪٽرن خدشو ڏيکاريو آهي ته کيس نمونيا آهي، نمونيا جي خدشي سبب جرمني جي اسپتال ۾ عمرشريف جو علاج جاري آهي.

آمريڪا ۾ عمر شريف جي معالج ڊاڪٽر طارق شهاب جرمني جي ڊاڪٽرن سان رابطي ۾ آهي سندس چوڻ آهي ته جرمني جي اسپتال ۾ عمر شريف جو ڊائلاسز ڪرائي سگهجي ٿو جنهن بعد کيس آمريڪا منتقل ڪيو ويندو.