لاهور(م ڊ) پنجاب جي وڏي وزير پرويز الاهي انڪشاف ڪيو آهي ته تحريڪ انصاف ۾ ضم ٿيڻ جي صورت ۾ عمران خان کيس پارٽي صدر بڻجڻ جي آڇ ڪئي آهي. لاهور ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي پرويز الاهي چيو ته عمران خان پارٽي صدر بڻجڻ جي دعوت ڏني آهي پر اڃا تائين ڪو فيصلو ناهي ٿيو. هن چيو ته ق ليگ جا سمورا 10 پنجاب اسيمبلي ميمبر ۽ ٻيا عهديدار پنهنجي تڪن ۾ وڃي مشاورت ڪري جواب ڏيندا، اسان کي نوٽيس ڏيندڙن کي اڳ ئي تڪليف ٿي وئي آهي پر کين موقعو نه ملندو. هن چيو ته ان ڳالهه ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته عمران خان اسان جو اڳواڻ آهي. هن مون کي پنجاب جو وڏو وزير بنايو، مان سندس احسان نٿو وساري سگهان، اسيمبليون ٽوڙڻ کان پوءِ چونڊون ٿينديون، اتحادي حڪومت جو نالو کڻڻ کان سواءِ هن چيو ته انهن کي جلد چونڊون ڪرائڻيون پونديون. پرويز الاهي چيو ته اسان لاهور کي 20 ارب کان وڌيڪ جو پيڪيج ڏنو آهي. ڪالهه اسان 15 ارب روپين جي ترقياتي منصوبن جو افتتاح ڪيو آهي. ان کان اڳ اسان لاهور کي اپ گريڊ ڪرڻ جو وڏو منصوبو ٺاهيو آهي. هن چيو ته شريف لاهور جا مالڪ بڻجي ڦرندا آهن پر هي ترقياتي ڪمن لاءِ آيل پئسا لڳائڻ بجاءِ پاڻ کائي ويندا اهن. پنجاب جي وڏي وزير چيو ته هتي شريفن ۽ راڻا ثناءُالله جهڙن بيوقوفن صرف ماڻهن تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا آهن ان سان ڪوبه فرق نه پوندو. هنن کي خبر ئي ناهي ته ملڪ ڊيفالٽ طرف وڃي رهيو آهي. ملڪ کي بچائڻ لاءِ تڪڙيون چونڊون ڪرايون وڃن. پرويز الاهي لاهور ۾ داتا دربار جي ٻاهران پارڪنگ پلازه جي پيڙهه جو پٿر رکيو.