اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ ۽ وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُالله چيو آهي ته عمران خان مسلم ليگ(ن) ۽ سندس اتحادي پارٽي (ق) ليگ جي اسيمبلي ميمبرن جا ضمير خريد ڪرڻ لاءِ ٻوليون لڳائي رهيو آهي. چوڌري وجاهت ۽ حسين الاهي جي آڊيو ليڪ تي رد عمل ڏيندي گهرو وزير راڻا ثناءُالله چيو ته ڏوهاري ماڻهو بي نقاب ٿي ويا آهن. هڪ معزز قومي اسيمبلي ميمبر جي اغوا جو ارادو ۽ توهين جوڳي ٻولي مذمت جوڳي آهي. پارٽي سربراهه چوڌري شجاعت حسين ۽ ايم اين اي فرح خان کي ڪهڙي عدالت انصاف ڏيندي؟ چيف جسٽس کي اهڙي آڊيو ۽ ضمير جي خريداري واري اعترافي بيان جو نوٽيس وٺڻ گهرجي. گهرو وزير چيو ته قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کي به هن آڊيو جو نوٽيس وٺي ڪارروائي ڪرڻ گهرجي، قوم ڏسي ورتو ته ڪير ضمير خريد ڪرڻ لاءِ ٻوليون لڳائيندو آهي. ڊسڪه ۾ چونڊ عملي ۽ ووٽن جي ٿيلهي اغوا ڪرڻ وارا هاڻ قومي اسيمبلي ميمبر کي اغوا ڪرڻ جي منصوبي ۾ ظاهر ٿي پيا آهن. راڻا ثناءُالله وڌيڪ چيو ته هي ڪڏهن آءِ ايم ايف پروگرام کي ناڪام بنائڻ جي سازش ٺاهيندا آهن ته ڪڏهن سائفر تي جعلسازي ڪندي پڪڙيا ويندا آهن. طيبه گل جي اغوا ۾ ملوث، نيب چيئرمين کي بليڪ ميل ۽ بشير ميمڻ کي ڌمڪيون ڏيندڙ ڏوهاري نئين واردات جي تيار ڪندي ظاهر ٿي پيا آهن. هيروئن جو ڪوڙو ڪيس ٺاهيندڙ هاڻ اغوا جي واردات جو منصوبو ٺاهي رهيا آهن. عمران خان جي گرفتاري تي سندس چوڻ هو ته ان جا ڪيس عدالتن ۾ آهن، عدالتون گرفتاري جو حڪم ڏين ته گرفتاري ٿيندي. هن چيو ته عمران خان جيئن اسان جي مرضي هوندي تيئن اسيمبلي ۾ واپس ايندو.