اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي جي ايوان پيپلز پارٽي جي قومي اسيمبلي ميمبر سيده نفيسا شاهه جو ليگل پريڪٽشنرز ۽ بار ڪائونسل ايڪٽ ۾ ترميم جو بل منظور ڪري ورتو، جنهن بل تحت سنڌ بار ڪائونسل جون سيٽون 33 مان وڌائي 35 ڪرڻ جي ترميم شامل ڪئي وئي آهي جڏهن ته انهيءَ منطور ٿيل ترميمي بل تحت خيرپور جي سيٽ بار ڪائونسل ۾ هڪ کان وڌائي 2 ، ڪراچي ايسٽ جون سيٽون بار ڪائونسل ۾ 4 کان وڌائي 5 ڪرڻ جي تجويز شامل آهي.