اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عمران جي نااهلي ڪيس ۾ ريمارڪس ڏنا آهن ته ڌي کي تسليم ڪريو يا انڪار ڪريو، ٻن منٽن جو ڪيس آهي، چيف جسٽس عامر فاروق جي سربراهي ۾ جسٽس محسن اختر ڪياني ۽ جسٽس ارباب طاهر تي ٻڌل اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي لارجر بينچ مبينا ڌي کي ظاهر نه ڪرڻ تي عمران خان جي نااهلي واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. چيف جسٽس چيو ته سڀني جي پرائيويسي ضروري آهي پر اسان ڪري ٻڌڻي ڪري رهيا آهيون، ڇاڪاڻ هن ۾ قانوني مسئلو آهي، اوهان کي ها يا نه ۾ جيڪو چوڻو آهي چئو. چيف جسٽس عمران خان جي وڪيلن کي مخاطب ٿيندي چيو ته هونئه ته اوهان جي طرفان به هي ٻه منٽ ڪيس آهن؟ يا ته توهان تسليم ڪيو يا انڪار، درخواست ختم ٿي ويندي، جيڪڏهن توهان انڪار ڪيو ته هاڻي انهن جي درخواست رد وڃي ٿي، ايندڙ چونڊن ۾ وري ڪو اهو معاملو  کڻي ايندو. چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته اها بدقسمتي آهي ته ڪنهن جي نجي زندگي جو معاملو اهڙي ريت پڌرو ٿي وڃي، اسان کي به هتي ويهي اهڙو ڪيس ٻڌڻ ۾ مزو نه ٿو اچي، ليگل سائيڊ تي هڪ ڳالهه اچي وئي آهي، ان ڪري ٻڌڻو پوي ٿو، هڪ واضح موقف اختيار ڪريو ته هاڻ ئي درخواست رد ڪري ٿا ڇڏيون. عمران خان جو وڪيل سلمان اڪرم راجا پيش نه ٿيو. سندس معاون وڪيل چيو ته درخواستگذار پنهنجي درخواست ۾ ترميم جي درخواست ڏني آهي، اسان کي سندس درخواست تي اعتراض آهي، لکت ۾ جواب لاءِ وقت ڏنو وڃي. چيف جسٽس چيو ته ٻن صفحن جو جواب ڏيڻو هو، ڇا اڄ نه پئي ڏئي سگهيا؟ درخواستگذار جي وڪيل عمران خان جي ٽرين ڪيس ۾ ڏنل حلفي بيان جي ڪاپي جمع ڪرائي ڇڏي. جسٽس محسن اختر ڪياني پڇاڻو ڪيو ته ڇا توهان وٽ هي هڪ دستاويز آهي ۽ ان تي ڀاڙيو ٿا؟ حلف نامي ۾ گارڊين شپ لکيو ويو آهي، ان گارڊين شپ ۾ پيءُ هجڻ جو ڪو به ذڪر ناهي، هي پرڏيهي دستاويز آهي ۽ ايڪس پارٽي آرڊر آهي، ان دستاويز کي مڪمل نٿو چئي سگهجي، درخواستگذار کي عمران خان پاران ڌي کي تسليم ڪرڻ ثابت ڪرڻو آهي، جيڪڏهن ڌيءَ به چيو هجي ته ها منهنجو پيءُ آهي ته پوءِ به اهو عمران خان تي بائنڊنگ ناهي. جسٽس محسن اختر ڪياني چيو ته توهان کي صاف لفظن ۾ عمران خان جو اعتراف ڏيکارڻو آهي، ڏيکاريو ته عمران خان ڪٿي ٽيريان جو پيءُ هجڻ تسليم ڪيو آهي، توهان چئي رهيا آهيو ته عمران خان ٽيريان جو پيءُ آهي ۽ هو نه ٿو مڃي، هاڻي اوهان کي رڪارڊ مان ڏيکارڻو پوندو ته هو ٽيريان جو پيءُ آهي، پهريان اوهان ثابت ڪندا ته اها ڇوڪري عمران خان جي ڌيءَ آهي، پوءِ 62 ون ايف جو معاملو سامهون ايندو. وڪيل چيو ته گارجين شپ ڏيڻ جو هڪ جمائما ۽ هڪ عمران خان نو آبجيڪشن سرٽيفڪيٽ ڏنو، عمران خان ۽ جمائما خان ٽيريان جي سرپرستي لاءِ رضامندي ڏني، ٽيريان جي سرپرستي لاءِ ڪنهن ٽئين پارٽي رضامندي ڇو نه ڏني. چيف جسٽس چيو ته ڇا اتي جيڪو ڪيس فائل ٿيو، ان جي ڪاپي اوهان وٽ آهي ؟ ڪو هڪ دستاويز ته اوهان وٽ هجي، جنهن ۾ اسان ڏسون. وڪيل چيو ته هي سمورو پرڏيهي رڪارڊ عدالت جي سامهون آهي، جنهن جي پرڏيهي آفيس به تصديق ڪئي آهي، عمران خان جو ڪو به واسطو نه هو ته پوءِ سرپرستي جو حلف نامو ڇو ڏنو؟جسٽس محسن اختر ڪياني چيو ته پاڪستان ۾ ڪيترائي ماڻهو ڪيترن ئي ٻارن جا سرپرست آهن پر اهي پيءُ نه آهن، اهي ماڻهو سندن خرچ کڻندا آهن، ان جو مطلب اهو آهي ته ڪو ٻيو اچي چوندو ته ڊي اين اي ٽيسٽ ڪرايو، اهو صرف اها ڇوڪري ئي چئي سگهي ٿي ته هي منهنجو پيءُ آهي، ڪا ٽئين ڌر ڪيئن ٿي چئي سگهي؟ ان ڪيس ۾ جيڪڏهن ڪو عدالت وڃي سگهي ٿو ته اها پاڻ تيريان آهي، جيڪڏهن ٽيريان پاڻ متاثر ٿي ته وڃي سگهي ٿي ته منهنجو پيءُ قرار ڏنو وڃي. چيف جسٽس چيو ته اوهان جيڪو فيصلو آندو ان تي ڪا تصديق يا ٺپو ته هجي ها، ٺيڪ آهي اهو عدالتي حڪم آهي پر ڪجهه خبر ته پوي، ڇا ان معاملي تي عمران خان طرفان ڪو جواب آيو؟ اسان کي ڪجهه رڪارڊ ڏيکاريو، اسان اڄ هتي ترسي رهيا آهيون، پنهنجا دستاويز مڪمل طور ڏسي وٺو، دستاويزن کي ترتيب ڏيو ۽ ايندڙ ٻڌڻي تي اسان کي ٻڌايو، اسان کي ڏيکاريو ته ڇا ڪيليفورنيا ۾ مڪمل ايڪس پارٽي ڪارروائي ٿي هئي؟عدالت درخواستگذار جي وڪيل کي ايندڙ ٻڌڻي تي تياري ڪري دليل ڏيڻ جي هدايت ڪندي ٻڌڻي سومر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.