عمران خان کي گرفتار ڪندڙ شخص جو پاڪستان ۾ رھڻ ڏکيو ٿي ويندو: فواد چوڌري

0
121
fawad
fawad and imran khan

پاڪستان تحريڪ انصاف جي مرڪزي اڳواڻ فواد چوڌري خبردار ڪيو آھي تھ عمران خان کي گرفتار ڪندڙ شخص جو پاڪستان ۾ رھڻ مشڪل ٿي ويندو

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالھائيندي فواد چوڌري چيو تھ تحريڪ انصاف ملڪي معيشت مضبوط ڇڏي وئي ھئي پر پاڪستان کي خطرناڪ معاشي بحران ۾ ڌڪيو پيو وڃي، اسحاق ڊار لنڊن ۾ ويٺو آھي ۽ مفتاح اسماعيل پاڪستان ۾ ويٺل آھي

ھڪ سوال جي جواب ۾ فواد چوڌري چيو تھ ھڪ ئي تجربو بار بار ڪرڻ احمقاڻو آھي، گھڻا تجربا ٿي چڪا آھن، شھباز جي حڪومت کي گھر موڪلي چونڊون ڪرايون وڃن