عمران خان جي ٻيڙي ٻڏي رهي آهي، ماڻهو ٽپو ڏيڻ لاءِ تيار آهن: مريم نواز

0
176

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ن ليگ جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته اسيمبلي ميمبرز اڳ ۾ ئي عمران خان تي بي اعتمادي ڪرڻ لاءِ تيار آهن، هن جي اقتدارجي ٻيڙي لڏندي نظر اچي رهي آهي

ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڪوڙ ڪجهه ڏينهن لاءِ ڳالهايو ويندو آهي هميشه نه، اڄ کانپوءِ عمران خان جي پارٽي ڪٿي به نظر نه ايندي

هن چيو ته هو جڏهن عوام وٽ وڃن ته هيلمٽ ضرور کڻي وڃن، عمران خان جا ساٿي اقتدار جا ساٿي آهن، عوام جا هٿ توهان جي ڳچيءَ تائين پهچي ويا آهن، توهان پنهنجي خير ملهايو، عوام جي آواز تي لبيڪ نه ڪيو ته سياسي جماعتن تي تنقيد ٿيندي

مريم نواز چيو ته عمران خان جون تقريرون ڊنل ماڻهوءَ جون تقريرون آهن، عمران خان جي ٻيڙي ٻڏي رهي آهي، سندس پارٽين جا ميمبر ٻين پارٽين سان رابطي ۾ آهن، سندس ٻيڙي ۾ ويٺل ماڻهو ٽپو ڏيڻ لاءِ تيار آهن، ن ليگ باهه جي درياءُ مان گذري آئي آهي ۽ متحد آهي

هن چيو ته هاڻي حالتون سازگار آهن، بي اعتمادي رِٿ جي ڪوشش ضرور ڪامياب ٿيندي، سڀ کان پهريون مرحلو بي اعتمادي رِٿ جو آهي، ڪير وزيراعظم ٿيندو ۽ ڪير حڪومت ڪندو، اهي فيصلا بعد ۾ ٿيندا

مريم نواز چيو آهي ته دهشگردي، مهانگائي ۽ عوام جي ڪاوڙ سبب حالتون تبديل ٿيون آهن، عمران خان کي جِن جي سپورٽ حاصل هئي، اُنهن جو تڪ به عوام ئي آهي، سياسي پارٽيز سوڌو ادارن کي عوامي اشارو ڏسڻو پوندو

ھي به پڙھندا

اسان ملڪ جي قسمت تبديل ڪرڻ لاءِ نڪتا آهيون: بلاول ڀٽو زرداري