عمران خان جي خطاب تي اسماعيل راھو جو ردعمل سامهون اچي ويو

0
411
عمران خان جي خطاب

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي يونيورسٽيز واري صوبائي وزير اسماعيل راھو عمران خان جي خطاب تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته خان صاحب اوھان کي بيروني سازش تحت نه پر مھانگائي تي ڪنٽرول نه ڪرڻ، عوام کي روزگار ۽ رليف نه ڏيڻ تي اقتدار کان محروم ٿيڻوپيو

اسماعيل راھو چيو ته خان صاحب اوھان جاڪوڙ، ڊراما ۽ نوسربازيون عوام کي گمراھ نٿيون ڪري سگھن، خان صاحب اوھان جي سموري تقرير ڪوڙ ۽ منافقي کان سواءِ ڪجهه به نه ھئي، اسماعيل راھو  چيو ته ڪراچي جلسي ۾ عمران خان ڏيکاري رھيو ھو ته ان جو سوفٽ ويئراپڊئيٽ ٿي چڪوآھي

عمران رنگ باز ھر ڏينھن نئي منگھڙت ڪھاڻي بيان ڪندو آھي، هن چيو ته عمران ان ڪوڙا الزام لڳائي ميڊيا ۽ سياستدانن کي بدنام پيو ڪري، خان صاحب ملڪ جو ڪھڙو ادارو آھي جنھن کي اوھان يرغمال نه بڻايو ھجي

پ پ اڳواڻ چيو ته 20 ڏينھن کان پوءِ ھٿ جو لکيل ڪاغذ لھرائي ڪري ٻاھران جي سازش کڻي آيو، اوھان جي دور اقتدار ۾ سنڌ ۾ قحط آيو، ماڪڙ آئي پر اوھان کي ڪڏھن به سنڌ ياد نه آئي، اوھان چيو سنڌ ٻڏي، سڪي مري، منھنجي بلا سان، اسماعيل راھو وڌيڪ چيو ته خان صاحب ڪراچي وارا ترقياتي ڪم گھرن ٿا روزگار گھرن ٿا جيڪو اوھان نه ڏنو ۽ ڪو وعدو وفا نه ڪيو

خان صاحب اوھان کي عوام ڪھڙو خطاب ڏئي اٽي چور، کنڊ چور، ڪڻڪ چور، دوائون چور، گھڙي چور يا ھار چور، خان صاحب فارن فنڊنگ ڪيس شروع ٿيندي ئي اوھان جو ھاڻي کان ئي رڙيون نڪرڻ شروع ٿي ويون آھن، خان صاحب اوھان کي جڏھن روس ڪڻڪ ۽ تيل 30 سيڪڙو سستو ڏنو ته پوءِ قوم کي اٽو ۽ تيل اوھان مھانگو ڇو ڏنو

امپورٽڊ حڪومت جي خاتمي جو سڏ اچڻ وارو آهي: فواد چوڌري

اومي ڪرون ضرور ايندو

ٻئي پاسي پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته امپورٽڊ حڪومت جي خاتمي جي ڪال اچڻ واري آهي

سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ فواد چوڌري چيو ته پشاور ۽ ڪراچي ٻڌائي ڇڏيو آهي ته ملڪ نرم انقلاب لاءِ تيار آهي

پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته انشاءَ الله پاڪستان جو هر شهر تحرير اسڪوائر بڻجي ويندو، هن امپورٽڊ حڪومت جي خاتمي جو سڏ اچڻ وارو آهي، تيار رهو ۽ عمران خان جي اعلان جو انتظار ڪيو

ھي به پڙھندا

پرڏيهي فنڊنگ ڪيس ذريعي پي ٽي آءِ کي ٻاهر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي: عمران خان