پرڏيهي فنڊنگ ڪيس ذريعي پي ٽي آءِ کي ٻاهر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي: عمران خان

0
314
ڪامياب جلسي کانپوءِ عمران
ڪامياب جلسي کانپوءِ عمران

ڪراچي ۾ جلسي کي خطاب ڪندي پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو ته پرڏيهي فنڊنگ ڪيس ذريعي پي ٽي آءِ کي ميچ مان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، ان ڪري اسان جو مطالبو آهي ته پيپلز پارٽي، پي ٽي آءِ ۽ نواز ليگ جو پرڏيهي فنڊنگ ڪيس گڏجي ٻڌڻ گهرجي

جلسي کي خطاب ڪندي عمران خان چيو تھ پاڪستان خلاف عالمي سطح تي سازش ٿي، مسئلو تحريڪ انصاف جو نه پر پاڪستان جو آهي، امريڪا سميت ڪنهن به ملڪ جي خلاف ناهيان، پاڪستاني قوم کي غلام رکڻ جي سازش ٿي آهي هڪ مير جعفر کي اسان مٿان مڙهيو ويو، مير جعفر غدار هو جنهن انگريزن سان گڏجي غداري ڪئي مير جعفر جي غداري جي ڪري بنگال انگريزن وٽ ويو، ڊونلڊلو کي خبر هئي ته بي اعتمادي رٿ اچڻ واري آهي ڊونلڊلو چيو ته بي اعتمادي رٿ ڪامياب ٿي ته پاڪستان کي معاف ڪنداسين ڌمڪي ملڪ جي چونڊيل وزيراعظم کي ڏني وئي: عمران خان اسان جي ميمبرن جي کيسن ۾ 20-20 ڪروڙ رپيا وڌا  ويا: عمران سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي تمام گهڻي تڪليف ٿي

عمران خان جو وڌيڪ چوڻ ھو تھ ڊونلڊلو  اسان جي سفير کي ڌمڪيون ڏنيون، منهنجو ڏوهه ڪهڙو هو، رات 12وڳي عدالت کولي وئي، مونکي پهريان ئي خبر هئي ته ميچ فڪس ٿي چڪي آهي، آزاد عدليا لاءِ ڀرپور جدوجهد ڪئي هئي. اڄ تائين پاڪستان جو قانون ناهي ٽوڙيو: عمران خان

ھن وڌيڪ چيو تھ منهنجو ڪڏهن به ميچ فڪسنگ ۾ نالو ناهي آيو، ساڳئي عدالت مونکي به صادق ۽ امين قرار ڏنو هو، ٽرمپ جڏهن پاڪستان تي الزام هنيا ته فورن مون جواب ڏنو، ٽرمپ کي جواب ڏنو ته پاڪستان وڏيون قربانيون ڏنيون آهن

عمران خان چيو تھ عدالت کي گهٽ ۾ گهٽ ان خط جي جاچ ڪرڻ گهرجي ها، ضمير وڪرو ڪندڙن کي ڪڏهن به معاف نه ڪجو، امپورٽڊ حڪومت کي ڪنهن به صورت برداشت نه ڪنداسين، ڇا آئين ضمير وڪرو ڪرڻ جي اجازت  ڏئي ٿو؟: عمران خان

عدالت کي ضمير وڪرو ڪرڻ خلاف سو موٽو وٺڻ گهرجي، شهباز شريف پهريان کان ئي اچڪن سبرائي ويٺل هو، ڪنهن ٻئي ملڪ لاءِ پنهنجن ماڻهن کي قربان نٿو ڪري سگهان

عمران خان جلسي کي خطاب ڪندي چيو تھ ٻاهر جي سياست جو حصو بڻجي حڪومت ڪيرائي وئي، پهريان به دٻاءُ وڌو ويو هو ته اين آر او ڏي نه ته حڪومت ڪيرائينداسين، مون امريڪا جو ڇا ڪيو  آهي، رڳو ايبسوليوٽلي ناٽ ته چيو هو. شهباز شريف مٿان 40 ارب رپين جي ڪرپشن جا ڪيس آهن. شهباز اولهه جي ملڪ ۾ هجي ها ته کيس پٽيلوالو به نه رکن ها

ھن وڌيڪ چيو تھ پرويز مشرف امريڪا آڏو گوڏا کوڙيا ڇڏيا هئا. ڊمي وزيراعظم ڪڏهن به چونڊون نه ڪرائيندو، فارن فنڊنگ ڪيس ذريعي ميچ کان ٻاهر ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو، پي ٽي آءِ ۽ پ پ جي فارن فنڊنگ جو ڪيس گڏ ٻڌو وڃي، ڀت سان لڳايو ويو ته اوهان کي نقصان پهچندو. خط جي معاملي تي جڊيشل ڪميشن ٺهي ۽ جاچ ڪري، هڪ ئي پيغام آهي، امپورٽڊ حڪومت نامنظور، چونڊون ڪرايون وڃن: عمران خان