قبر جي قطبي تي لکيل اڪيلو نانءُ!

0
142
ڳالھه ڪيان ڪيهي! .. مهراڻ ۾ موٽي اچي ملجان..

    اهو فوٽو جنهن ۾ هن جي هٿن ۾ ڊي ايس ايل آر ڪئمرا جهليل آهي تنهن ۾ هو انڊين مووي “ڪڀي ڪڀي” جو اداس اکين وارو هيرو لڳي رهيو آهي.

ساگر گوپانگ ساحر لڌيانوي وانگر شاعر ته ڪونه هو پر هٿن ۾  ڊي ايس ايل آر ڪئمرا جهليل فوٽو ۾ نظر ايندڙ سندس اداس اکين ۾ لڙڪن جهڙا لڪيل لفظ پڙهي سگهجن ٿا.

“مين پل دو پل ڪا شاعر هون،

پل دو پل ميري ڪهاني هي…

پل دو پل ميري هستي هي،

پل دو پل ميري جواني هي…”

مون کي خبر ناهي ته سندس ڪامريڊ پيءَ  هن جو نالو ساگر رکيو هو يا اهو هن جو پنهنجو رکيل تخلص هو پر سندس ڊائريءَ جي آخري پني تي لکيل هن جي خط مان خبر پوي ٿي ته کيس اهو نالو ڏاڍو وڻندو هو.

                 انڊين مووي “ڪڀي ڪڀي” جي شروعات هڪ پروگرام ۾ اميتاڀ بچن جي ڳايل گيت سان ٿئي ٿي جيڪو ختم ٿيڻ کان پوءِ هو پروگرام مان ٻاهر نڪري اچي ٿو جتي کيس هڪ ڇوڪري ملي ٿي جيڪا هن کان آٽو گراف گهري ٿي.

ان ڇوڪري کي ڏسندي اميتاڀ چوندو آهي،

“توکي ڏسي مون کان پنهنجو نالو ئي  وسري ويو آهي!”

ان کان پوءِ اميتاڀ ان ڇوڪريءَ کان سندس نالو پڇي ٿو، ۽ هوءَ پنهنجو نالو “پوجا” ٻڌائي ٿي.

پهرين نظر سان ئي پنهنجي دل ڦرائي ويهندڙ فلم جو هيرو پوجا کي چوندو آهي،

“ڇا منهنجو نالو پوڄاري نٿو ٿي سگهي!”

ساگر جي لکيل آخري پني تي پنهنجي قبر تي سندس سڄي نالي بدران فقط “ساگر” لکرائڻ واري ڪيل وصيعت پڙهي منهنجي اکين منجهان بي ساخته ٻه ڳوڙها  موبائل جي اسڪرين تي ڪري پيا ۽ آئون سوچڻ لڳس،

“ساحر لڌيانوي وانگر رڳو شاعر ئي حساس ناهن ٿيندا پر حساس ماڻهو ئي شاعر ٿيندا آهن.”

پر ساگر  “ساحر” نه هو، ساگر “ساغر” به نه هو، ان ڪري هن پنهنجي اندر جا احساس ڊي ايس ايل آر ڪئمرا جي لينسز سان ڪيپچر ڪرڻ چاهيا هوندا پر هو ان ۾ ناڪام ويو.

هن يوٽيوب تي ويلوگز ٺاهي پاڻ کي وندرائڻ چاهيو پر هو ان ۾ به ناڪام ويو.

سندس سڀ کان وڏي ناڪامي ڪهڙي هئي؟

بيروزگاري سبب پريشان رهندڙ ساگر گوپانگ جي ڇا سڀ کان وڏي ناڪامي نوڪري نه ملڻ هئي؟ڇا حساس ماڻهو نوڪريون نه ملڻ سبب يا پئسي جي تنگيءَ سبب خودڪشيون  ڪندا آهن؟  ساگر جو جنازو لنواري شريف جي گسن تان گذري ان مقام ۾ دفن ٿيو آهي جتي سندس ماءُ صالحان دفن ٿيل آهي. لنواري شريف جي بازار مان ساگر جي جنازي گذرڻ جي منظر ڪشي  آئون ڪري نٿو سگهان.مان ساگر جي ڊائريءَ تي لکيل سندس آخري وصيعت واري ڪيفيت به سمجهي نٿو سگهان جنهن ۾ هن چيو آهي ته منهنجي قبر جي قطبي تي فقط “ساگر” لکجو.

ساگر هتان وڃڻ جون سڀني کي اڳواٽ پنهنجي طرفان تمام گھڻيون مبارڪون به ڏنيون آهن ۽ اها خوشخبري به ٻڌائي آهي ته “مان ھاڻي ھتان وڃي رھيون آھيان.” توڙي جو هن جي عمر جوانيءَ واري جيون جي ان دڳ تي پهتي هئي جتان شعور ۽ سمجھه جي سفر جي باضابطه شروعات ئي هاڻي ٿيندي آهي پر لنواري شريف جي بازارن ۾ بلورن سان رانديون ڪندي وڏو ٿيل ساگر ٿورو پنڌ ڪرڻ تي ئي گهڻو ٿڪجي پيو هو. هن کي امڙ جي آيل ياد منجهان ته ايئن لڳي ٿو ڄڻ هو اڃان وڏو ٿيو ئي ڪونه هو!

هن کي باجي نسيم ڏانهن وڃڻ جي به تڪڙ هئي. ساگر لاءِ ھتي ڪجھه به نه هو، ساگر ناڪام دل هڪدم هار مڃي ورتي هئي، هو هر شيءَ ۾ ناڪام ٿي ويو.

ساگر کي لڳو ٿي ته هو  فوٽوگرافي ۽ فلموگرافي کان ويندي يوٽيوب تي ٺاهيل ويلاگز ۾ به فيل ٿي ويو آهي، ساگر کي پنهنجي پڙهائي به بيڪار ٿي لڳي ۽ سڀ کان وڏي ڳالھه ته ساگر کي لڳو ته هو پيار ۾ به ناڪام ٿي ويو آهي ان ڪري هن  سانول ۽ ريشما کان معافي وٺندي پاڻ کي ماري ڇڏيو.

ڇا ساگر جي خودڪشي خليل جبران جي خيالن وانگر بهادري جو هڪ  اعليٰ نمونو آهي يا سندس موت معاشري جي ناانصافين ۽ بيواجبين خلاف بيوسي وارو خاموش احتجاج آهي؟ فيسبوڪ تي مون جهڙا ماڻهو خودڪشي ڪندڙ نوجوانن جي موت کي معاشرتي قتل قرار ڏئي ان  قتل جو ڏوهي به معاشري کي  ڪري رهيا آهن، سندن چوڻ آهي ته ناانصافين تي ٻڌل معاشرو ئي انهن کي ذھني عذاب ڏئي ٿو  ۽ کين ذهني مريض بڻائي ڇڏي ٿو، معاشرو ئي ماڻهوء جو جيئڻ عذاب بڻائي ٿو.

بک ۽ بدحاليءَ کي ته ماڻهو جيئن تيئن منهن ڏئي وڃي ٿو پر سڃائي ۾ دوستن جا رويا ۽ گهر ڀاتين جا مهڻا ماڻهو کي ماري وجهن ٿا. ڪنهن حد تائين انهن سمورين حقيقتن کان انڪار به ڪري نٿو سگهجي ڇاڪاڻ ته هن معاشري جا ماڻهو مدد ڪرڻ بدران ڪنڊا ڪڍڻ ۽ نقص وارا ٿي پيا آهن. نظراندازي  ۽ بي حسي وارا لاڙا انسان جي اندر کي ڀڃي ڀورا ڪري ڇڏين ٿا.

ساگر جي هڪ استاد پاران فيسبوڪ تي رکيل پوسٽ پڻ اهڙي بي رخي واري رويي ڏانهن اشارو ڪري ٿي جنهن ۾ ساگر جي موت تي ڏکارو ٿيل سندس اهو استاد خود اقرار ڪري ٿو ته ساگر پاران ساڻس اوريل ڏک جي بدلي ۾ هن کيس ڪا آٿت ته ڪونه ڏني پر هو ساگر کي ان ميسيج جو ريپلاءِ به نه ڏئي سگهيو هو.

پنج اپريل تي سندس استاد کي ساگر جو آخري ميسيج مليو هو، زندگيءَ جي الجهيل ۽ انيڪ سوالن وانگر ساگر کي استاد ڏانهن موڪليل ميسيج جو جواب به ملي ڪونه سگهيو ۽ هو ننڍڙي ٻار وانگر ماءُ جي هنج ۾ سمهڻ جو ضد ڪندي ڊائري جي پني تي ڪجهھ اکر لکي هميشه لاءِ هتان هليو ويو. ڊائريءَ تي لکيل سندس لفظ ساحر لڌيانوي جي شاعري جهڙا ته نه هئا پر انهن اکرن ۾ “ڪڀي ڪڀي” فلم جي پهرئين گيت جهڙا احساس ضرور هئا،

“مجھه سي پهلي ڪتني شاعر، آئي، آڪر چلي گئي،

ڪچھه آهين ڀر ڪر لوٽ گئي،

ڪچھه نغمي گاڪر چلي گئي،

وه ڀي اڪ پل ڪا قصه ٿي،

مين ڀي اڪ پل ڪا قصا هون،

ڪل تم سي جدا هوجائون گا،

گو آج تمهاره حصه هون.

مين پل دو پل ڪا شاعر هون…..”