سکر: مڙس پنھنجي گھرواريءَ کي چڪمو ڏئي معصوم پٽ کي اغوا ڪري ويو

0
305
سکر: مڙس پنھنجي

سکر (بيورو رپورٽ) ڪنڊيارو واسي مڙس پنھنجي گھرواريءَ کي چڪمو ڏئي مبينا طور 9 مھينن جي پٽ کي اغوا ڪري ويو، لاھور مان مڙس جي چوڻ تي سکر پھچڻ بعد ناري سحر الطاف پنھنجي پٽ ۽ ماءُ سان گڏ دربدر ٿي وئي

روھڙي پوليس متاثر عورت سحر جي فرياد تي ايف آءِ آر داخل ڪري ورتي، ايف آءِ آر داخل ٿيڻ بعد پوليس ڪارروائي ڪري ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو، ناري جي مڙس ۽ معصوم ٻار جي ڳولا جاري آهي

پوليس موجب متاثر عورت لاھور جي رھواسڻ آھي جيڪا ٽي ڏينھن اڳ پنھنجي والده، 9 ورھين جي معصوم ٻارسان گڏ مڙس جي گھرائڻ تي سکر پھتي هئي

ڪنڊيارو واسي الطاف حسين جي سحر سان ٻئي شادي نومبر 2020ع ۾ لاھور ۾ ٿي، گھرو اڻبڻت سبب مڙس کان الڳ رھندي ھئي، جنھن کي راضي ڪري ٻار سميت سکر گھرايو ويو

متاثر عورت جو چوڻ آهي ته سکر پھچڻ تي مڙس ۽ ساڻس گڏ چئن ڄڻن ڌوڪي سان پٽ کي اغوا ڪري فرار ٿي ويا آهن، متاثر عورت جو چوڻ آهي ته فون ذريعي ڌمڪيون ڏنيون ويون ته خاموش ٿي واپس لاھور وڃ ٻي صورت ۾ سنگين نتيجا ڀوڳڻا پوندا

هن چيو ته پوليس ڪارروائي ڪئي پر مڙس الطاف گرفتارنه  ٿيو آھي ۽ نه ئي وري منھنجو معصوم پٽ واپس ڪرايو ويو آھي، خدشو آھي ته مڙس معصوم ٻار کي نقصان ن پھچائي، پوليس چيو آهي ته معصوم نينگر جي بازيابي لاءِ ڇاپا ھنيا پيا وڃن

ھي به پڙھندا

حيدرآباد: هوسڙي واسڻ عورت ويم دوران فوت، قتل جو شڪ