ميهڙ: سينيئر صحافي نياز ڀٽي جا  2 گڙدا فيل، واهر جي اپيل

0
298

ميهڙ: سينيئر صحافي

ميهڙ (ن پ ا) سينيئر صحافي، ميهڙ پريس ڪلب جو صدر ۽ زندگي جا 25 سال صحافت کي ارپيندڙ نياز ڀٽي گذريل ڏيڍ مهيني کان بيماري جي بستري تي پيل آهي، سندس جا 2 گڙدا فيل هجڻ ري صحافين پاران سرڪاري خرچ تي علاج ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي

سينيئر صحافي جي سنڌ حڪومت، اطلاع توڙي ثقافت کاتي پاران ڪابه مدد نه ڪئي وئي آهي، جنهن تي ميهڙ شهر جي  قلم ڌڻين ۽ سول سوسائٽي پاران سنڌ حڪومت کان سرڪاري خرچ تي  علاج ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي

سينيئر صحافي جي پٽن مير مرتضيٰ ۽ مير ذڪريا ڀٽي جو چوڻ آھي ته ٻنهي گڙدن ۾ پٿريون هجڻ سبب بابا جا ٻئين گڙدا فيل ٿي ويا آھن، جنهن کي SIUT ڪراچي داخل هو هن وقت ڊاڪٽرن کيس ڊائلاسس تي رکيو آهي

هن چيو ته ڊائلاسز ٻه دفعا هفتي ۾ ٿيندي آهي ۽ وڌيڪ علاج کان جواب ڏنو ويو آهي، پر ڊائو اسپتال ڪراچي جي ڊاڪٽرن ٽرانسپلانٽ جو چيو آھي ٽرانسپلانٽ تي 30 کان 40 لکن جي خرچ اچي وڃڻ جو چيو ويو آھي

هنن سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته اسان جي والد ۽ ميهڙ شهر جي سينيئر صحافي نياز احمد ڀٽي جو سرڪاري خرچ تي علاج ڪرايو وڃي، سندس حياتي بچائي وڃي ۽ اسان جي خاندان جي فاڪاڪشي واري زندگي کان بچائي وڃي