اسلام آباد (م ڊ) عمران خان جي حڪومت ۾ حج به مهانگو ٿي ويو آهي، هن سال هڪ حاجي کي 10 لک رپين تائين رقم خرچ ڪرڻي پوندي، ان عمل تي ناڻي واري اڳوڻي وفاقي وزير اسحاق ڊار سخت تنقيد ڪئي آهي. مذهبي معاملن واري وزارت جي سيڪريٽري جو چوڻ آهي ته هن سال حج جي ادائگي لاءِ هڪ حاجي کي 8 کان 10 لک رپيا خرچ ڪرڻا پوندا. ان تي تبصرو ڪندي اسحاق ڊار چيو ته ميان نواز شريف جي مسلم ليگ نواز جي حڪومت ۾ حج ٽن لک رپين ۾ ٿيندو هو عمران نيازي جي حڪومت حاجين کي به بخش ناهي ڪيو ۽ هاڻ اهو ئي حج 8 کان 10 لک رپين ۾ ٿيندو، ڪو خدا جو خوف ڪريو.