اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪاميٽين جي چيئرمينز جي چونڊ واري مامري تي پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ (نواز) جي ميمبرن وچ ۾ اختلاف کلي سامهون اچي ويا، پرويز رشيد سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي سينيٽ جي انساني حقن بابت ڪاميٽي جي چيئرمين شپ مشاهد حسين سيد پاران سنڀالڻ بجاءِ پي ٽي آءِ جي وليد اقبال کي ملڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي ۽ چيو آهي ته انساني حقن جي ڪاميٽي متاثرن کي انصاف فراهم ڪرڻ جو هڪ ذريعو آهي، افسوس آهي ته مشاهد حسين سيد انساني حقن جي ڪاميٽي جي چيئرمين حڪومت کي ڏئي دفاع ڪاميٽي جي سربراهي ورتي، هاڻي متاثرن جي آهن جا مجرم اسان به هونداسين، جڏهن ته پ پ سينيٽر مصطفيٰ نواز کوکر انساني حقن واري ڪاميٽي جي حيثيت فنڪشنل ڪاميٽي مان تبديل ڪري اسٽينڊنگ ڪاميٽي ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته انساني حقن جي فنڪشنل ڪاميٽي کي اسٽينڊنگ ڪاميٽي ۾ تبديل ڪيو ويو، ان مامري تي ايوان ۾ بيهي مون احتجاج ڪيو پر اڳين سيٽن تي ويٺل مڪمل خاموش رهيا، مصطفيٰ نواز کوکر جي ان تنقيد جو جواب ڏيندي پ پ جي سينيٽر شيري رحمان چيو ته انساني حقن واري ڪاميٽي کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ فنڪشنل ڪاميٽي مان اسٽينڊنگ ڪاميٽي ۾ تبديل ڪيو ويو، پيپلزپارٽي دفاعي ڪاميٽي جي بدلي انساني حقن واري ڪاميٽي جو سودو ناهي ڪيو، اسان لاءِ انساني حقن جي ڪاميٽي سڀ کان اهم آهي، انساني حقن جي ڪاميٽي جي سربراهي نواز ليگ وٽ وئي هئي، جنهن ان بابت فيصلو ڪيو، انساني حقن جي ڪاميٽي پيپلز پارٽي کي ڏيڻ جي مخالفت ڪئي وئي هئي، نواز ليگ دفاعي ڪاميٽي جي بدلي انساني حقن جي ڪاميٽي حڪومت کي ڏئي سوديبازي ڪئي، رضا رباني ۽ مون حڪومت کان انساني حقن جي ڪاميٽي وٺڻ جي پوري ڪوشش ڪئي، اسان بين الصوبائي رابطن واري ڪاميٽي جي بدلي انساني حقن جي ڪاميٽي وٺڻ جي ڪوشش ڪئي پر حڪومت صاف انڪار ڪري ڇڏيو، جنهن تي مصطفيٰ نواز کوکر شيري رحمان کي جواب ڏيندي چيو آهي ته توهان جي ڄاڻ لاءِ اسٽيڊنگ ڪاميٽين جو دارومدار وزارتن تي هوندو آهي، ماضي ۾ انساني حقن جي ڪاميٽي کي قانون ۽ انصاف جي ڪاميٽي ۾ ضم ڪيو ويو، انساني حقن جي ڪاميٽي کي فعال رکڻ لاءِ فرحت الله بابر، افراسياب خٽڪ جي ڪوششن سان انساني حقن جي ڪاميٽي کي فنڪشنل ڪاميٽي ۾ تبديل ڪيو ويو هو.