علاج ۾ دير، پني عاقل ۾ ڳورهاري عورت ٻار سوڌو فوت

0
344

پنوعاقل )ن پ ا) پني عاقل ۾ ڳورهاري عورت فوت، پيٽ اندر سندس ٻار به حياتي وڃائي ويٺو، ڳوٺ جمعو جسڪاڻي واسڻ مائي حافظان جسڪاڻي کي ويم لاءِ پني عاقل جي تعلقي اسپتال آندو ويو، جتان کيس سکر منتقل ڪيو پئي ويو ته هن روهڙي لڳ دم ڏنو، فوتڻ عورت جي وارث عورتن جو چوڻ آهي ته پني عاقل جي اسپتال ۾ حافظان کي هڪ ڪلاڪ تائين تڙپايو ويو، جنهن بعد اوچتو ڊاڪٽرياڻين هٿ ڪڍيا ۽ جواب ڏيندي سکر کڻائي وڃڻ جو چيو، عورت جي حالت خراب هئي ته اڳ ئي سکر موڪلين ها، ويم ڪري ٻار کي به نه بچايو ويو.