پاڪستان افغان عوام جي مرضي موجب امن عمل جي حمايت ڪندو رهندو: آرمي چيف

0
362

راولپنڊي (م ڊ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه ۽ امريڪي پرڏيهي وزير وچ ۾ فون تي رابطو ٿيو آهي، جنهن دوران گڏيل دلچسپي ۽ علائقائي سيڪيورٽي معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون آهن، آءِ ايس پي آءِ موجب رابطي دوران افغان مفاهمتي عمل تي اڳڀرائي ۽ گڏيل سهڪار جي معاملن تي غور ويچار ڪيو ويو آهي، آرمي چيف چيو آهي ته پاڪستان افغانستان عوام جي مرضي موجب امن عمل جي حمايت ڪندو رهندو، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سان جي ايڇ ڪيو راولپنڊي ۾ جاپان جَي سفير ملاقات به ڪئي.