عامر لياقت ٻن شادين جي ناڪامين کانپوءِ ٽئين شادي ڪري ڇڏي

0
630
عامر لياقت ٻن شادين

ڪراچي (م ڊ) پي ٽي آءِ اڳواڻ ۽ قومي اسيمبلي ميمبر عامر لياقت حسين ٻن شادين جي ناڪامين کانپوءِ ٽئين شادي ڪري ڇڏي آهي

عامر لياقت حسين انسٽاگرام ذريعي پنهنجي ٽئين شادي جي خبر ڏني ۽ پنهنجي زال سان گڏ هڪ تصوير شيئر ڪئي، عامر لياقت پنهنجي پوسٽ ۾ لکيو ته مان ڪالهه 18 ورهين جي سيده دانيه شاهه سان ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي ويو آهيان

پنهنجي زال جي تعارف ۾ عامر لياقت لکيو ته دانيه جو تعلق لوڌران جي معزز نجيب الطرفين سادات خاندان سان آهي، پنهنجي پوسٽ ۾ عامر لياقت سرائيڪي خاندان جي ساراهه ڪئي ۽ مداحن کي چيو ته هو سندس ۽ سندس گهرواري لاءِ دعا ڪن

هن چيو ته هو پنهنجي زندگي جي اونداهي سرنگهه مان گذري چڪو آهي جيڪو غلط موڙ هو، واضح رهي ته عامر لياقت جي هي ٽئين شادي آهي هن کان اڳ هن بشريٰٰ ۽ طوبيٰ سان شادي ڪئي هئي جيڪي ناڪام ويون