ڪراچي (دلچسپ نيوز) اچو ته اسان اوهان کي ٻڌايون ٿا ته فيس بڪ اوهان جي کيسي لاءِ ڪيئن فائديمند آهي. اوهان سواءِ ڪنهن گارنٽي جي فيس بڪ کان 50 لک رپين تائين قرض وٺي سگھو ٿا. فيس بڪ ”سمال بزنس لون انيشي ايٽو“ جي شروعات ڪئي آهي. جنهن لاءِ ان ”Indifi“ نالي ڪمپني سان ڀائيواري ڪئي آهي. فيس بڪ پهريان رڳو 200 شهرين ۾ اها لون سروس شروع ڪئي هئي ۽ هاڻ ان کي 239 شهرن تائين وڌايو ويو آهي. قرض وٺڻ لاءِ ڪا به پروسيسنگ فيس به نه ٿي ورتي وڃي، جڏهن ته درخواست به آن لائن ڏيڻي پوي ٿي. فيس بڪ پاڻ قرض نٿو ڏئي پر اها لون ”Indifi“ ڪمپني ڏئي ٿي. ان سان اوهان کي 2 لکن کان 50 لک ڀارتي رپين تائين قرض ملي سگھي ٿو. اوهان کي قرض لاءِ ڪجهه به گروي رکڻ جي ضرورت ناهي. پر قرض تي 17 کان 20 سيڪڙو ساليانو وياج ادا ڪرڻو پوندو.