پيراسيٽامول، ور کڻي تون ڳول!

اسان ننڍپڻ ۾ هڪ راند رهندا هئاسين، جنهن ۾ ڪجھه ساٿي لڪي ويندا هئا هڪ ساٿي انهن کي ڳوليندو هو ۽ هڪ وري ان ساٿي وٽ بيهي چوندو هو ته “پيرا سيٽا مول، ور کڻي تون ڳول”. اسان جي ملڪ ۾ ذخيرو ڪندڙن خلاف ڪڏهن به قانون حرڪت نٿو ڪري، جيڪڏهن عوام رڙيون ڪندي رستن تي نڪري ٿو ته خانا پوري ڪرڻ لاءِ ٻه چار ڇاپا ھڻي عوام جي اکين ۾ سرمو وجهي اندر ئي اندر وڏن سيٺن سان معاملا طئي ٿي ويندا آهن پوءِ اهي ئي ساڳيا سور هوندا آهن پهرين عوام کان اٽو لٽو پهچ کان پري ڪيو ويو ۽ هاڻي بخار ۽ سور جي پيراسيٽامول گوري مارڪيٽ مان اڻلڀ ٿي وئي آهي، جيڪا پيراسيٽامول گوري هڪ رپئي جي ملندي هئي جيڪا اوچتو 5 رپين تائين پهتي آهي، ايترو ناهي پر 5 رپين جي بليڪ مارڪيٽ کان پوءِ به مافيا عوام کي پيراسيٽامول گوري ڏيڻ لاءِ تيار ناهن، شايد مافيا پيراسيٽامول گوري جو اگهه اڃا به وڌائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، جيڪو سراسر عام غريب ماڻهن سان زيادتي آهي، جيڪڏهن اسان جا ادارا اربين رپيا خرچ ڪرڻ کان پوءِ به عوام سان انصاف نه ڪري سگهي ته اهڙا ادارا بند ڪري مافيائن کي سري عام ڦرلٽ جي اجازت ڏئي جيڪڏهن ادارن کي پنهنجي شاخ بچائڻي آهي ته عوام جي سورن کي محسوس ڪندي ڪرپٽ ادارن جي ماڻهن ۽ ڪرپٽ سيٺن خلاف سخت ڪارروائي ڪري عوام کي رليف فراهم ڪري.

دليپ آزاد/ عمرڪوٽ

سنڌ جي تعليمي اڳواڻن کي ھڪ عرض!

تازو ئي سنڌ حڪومت طرفان تعليم کاتي ۾ نون استادن جون مقرريون ڪيو پيون وڃن پر نون استادن جي ڀرتي پاليسي ۾ تعليم سان لاڳاپيل ڊگري ADE ۽ B.ed hon کي لازمي قرار نه ڏنو ويو ھو، دنيا جي ترقي ڪيل ملڪن ۾ تعليم جي شعبي کي تمام گهڻي اھميت ڏني وڃي ٿي جتي تعليم جي پروفيشنل ڊگري رکندڙ استاد مقرر ڪيو ويندو آهي پر سنڌ جي تعليمي اداري کي شايد قابل پاليسي ٺاھيندڙ نه ملي سگھيا آهن جيڪي استادن لاءِ پروفيشنل ڊگري ADE ۽ B.ed جي اھميت کي نظر رکندي انھن کي ڀرتي پاليسي ۾ لازمي قرار ڏين ته جيئن تربيت يافتا پڙھائڻ جي طور طريقن تي مھارت رکندڙ پروفيشنل ڊگري رکندڙ قابل استاد ڀرتي ٿي ڪري پڙھائڻ جي روايتي طريقن ۾ رواجي جدت آڻي سنڌ جي پٺتي پيل تعليم کي بھتر بڻائن، سنڌ جي تعليم ۾ سڌارو آڻن لاءِ پاليسي ٺاھيندڙن کي عرض آهي ته مستقبل ۾ تعليم کاتي ۾ ڀرتيون پروفيشنل ڊگرين جي بنياد تي ڪيون وڃن.

انيس پرھيار/لطيف يونيورسٽي

دال فرائي کان پوءِ هاف فرائي جو تجربو!‎‎

بيروزگاري هونئن ته وڏو عذاب آھي پر بيروزگاري جي ڏينهن ۾ کيسا خالي هئڻ ڪري ڪنهن  دوست جي غمي توڙي خوشي ۾ شريڪ ٿي نه سگهڻ جي ڪري ماڻھو جنهن ڪيفيت مان گذري ٿو تنهن کي درد جو ڪهڙو به نالو ڏجي پر اها ڪيفيت سراپا سور هوندي آھي. بيروزگار مطلب پنهنجي پاڻ لاءِ روز گار  مثل آھي. حڪومت غريبن کي نوڪرين جا سونهري خواب ڏيکاري فيس جي مد ۾ جيڪا فرلٽ ڪري ٿي تنهن جو ته سڀ کي پتو آھي پر مون جهڙا  سوين فقير اها فيس ڪيئن ادا ڪن ٿا تنهن تي اختيارين کي ذرو به احساس ناهي هوندو. نوڪريءَ جي آسري ڪاغذ جمع ڪرائي ٽي چار دوست جڏهن شام ٿڪي ٽٽي گهر ڏي موٽڻ جي ڪندا آھيون ته هڪ دوست دال فرائي کائڻ جي فرمائش  ڪندو آھي. اڳ ۾ صرف دال جي خبر هئي پر دوست جي معرفت دال فرائي جي خبر پئي. دال فرائي کان پوءِ “هاف فرائي” جو نالو ٻڌو سين جنهن ته مٿا چڪرائي ڇڏيا، حيدرآباد کان شروع ٿيندڙ هاف فرائي سڄي سنڌ کي هاف فرائي ڪري ڇڏيو آھي. ارسطو هڪ هنڌ لکيو ته: غربت ڏوهن کي جنم ڏيندي آھي يا ته وري انقلاب آڻيندي آھي. انقلاب ته پري جي ڳالهه پر هتي روز سوين جانيون “هاف فرائي” ٿي وڃن ٿيون پر ان جا سبب ڪير به نٿو ڳولهڻ چاهي. ڏوهه، ڏوھ آھي پوءِ چوري هجي يا سينا زوري. جوابدارن کي قطعي بخش نه ڪرڻ گهرجي پر وڌندڙ هاف فرائي جي واقعن تي سوچجي ته ڪٿي  مهانگائي ۽ بکئي پيٽ جي ڪري  ته ڏوهن ۾ اضافو نه ٿي رهيو آھي؟ روز سوين ڳڀرو هاف فرائي ٿين ٿا، ڏوهاري آھن ته سندن تربيت ۽ قانون تحت کين سزا ڏيو ۽ جيڪڏهن بک ۽ مهانگائي جا ماريل آھن ته کين اٽو، لٽو ۽ اجهو ڏيو.

غلام علي گل/ٻيلو، سجاول

رشتن مان ختم ٿيندڙ پنهنجائپ جو احساس!‎‎

انسان دنيا ۾ اچڻ شرط ۽ وڃڻ مهل به پنهنجن جي ٻانهن ۾ هوندو آهي، اچڻ وقت به روئيندو آهي ته وڃڻ مهل به دهشت جا ڳوڙها اکين مان وهي نڪرندا هن پر پنهنجن جي موجودگي هر پل تسلي بخش ۽ احساس سان ڀرپور جذبات جي حد تائين پيار ۽ قرب ۾ قيد هوندو آهي. زندگي ۾ انسان پنهنجن جي ٽيڪ، مدد ۽ هٿ رکڻ واري احساس جي بنياد تي دنيا کان منهن موڙي ٿو ڇڏيو. رت جي رشتن جي ڇڪ ۽ پنهنجائپ جي پيار خاطر هو تسلي بخش ۽ آرامده سڪون ۾ زندگي گذاريندو آهي. هر ڏکي ويل جو ان کي ڪو خيال، گمان، وسوس ۽ تياري هي ناهي هوندي ڇو جو هو ان وقت پنهنجائپ جي احساس واري قيفيت ۾ هوندو آهي. ٻدي، ڏک سک، خوشي غمي، لاهن چاڙن توڙي مرڻ ڪنڌي تائين پنهنجائپ جو احساس هميشه دلجاءِ، همٿ، تسلي بخش ۽ مدد جو ذريعو رهيو آهي. جيڪو ڏينهنون ڏينهن اڏوهي جيان وڃي ٿو کاڄندو، ڏسڻ ۾ ته گهڻا ٿا اچن جيئن ڪي سهڻا، مضبوط ۽ قداور وڻ هجن پر اندران کاڌل دوڻينس ته وڃي ڪندا ڦهڪو سو وڃي اها حالت رهي آهي. رشتن کي آکين اڳيان ڪسندي ڏسي، انهن جون پڪارون ٻڌڻ باوجود، انهن جي سڏڪن کي نظرانداز ڪرڻ ان ڳالهه جو پڪو ثبوت آهي ته اهي ڪامياب نه پر ناڪام آهن انهن جي زندگي ظاهري طور بهتر آهي پر اهي اندران کاڌل، ختم ۽ بيسڪون هوندا آهن. پنهنجائپ جو احساس هاڻي تاريخ جو سونهري باب بڻجي ويو آهي، اسان کي عبرت جو نشانو بڻجي ڏسي ڏاڍو ڏکارو ٿيندو هوندو ۽ پنهنجو عروج ياد ڪندي فخر ڪندو هوندو.

زوهيب احميد وڳڻ/لاڙڪاڻو

پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي گمس آمد!

پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري گمبٽ ميڊيڪل انسٽيٽيوٽ اسپتال دوري تي پهتو جتي سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه ساڻ هئس. ان جو ڊائريڪٽر گمس رحيم بخش ڀٽي پاران شاندار استقبال ڪيو ويو. جنهن گمس اسپتال جي تمام گهڻي ساراهه ڪئي ۽ وڏي خوشي جو اظهار پڻ ڪيو ۽ چيو ته مون کي ايڏي خوشي ٿئي ٿي. هتي گمس ۾ مفت ۾ ۽ تمام وڏي ۽ مهانگي علاج جي سهولتن جي هجڻ ڪري ڇاڪاڻ هتي سڄي سنڌ مان نه پر پوري ملڪ مان ماڻهو علاج واسطي اچن ٿا جن جو هتي مفت ۾ علاج ڪيو وڃي ٿو. گمس ۾ صحت جي سهولت لاءِ جيڪي به شعبا آهن جيڪي پنهنجو ڪم بهترين قسم سان ڪري رهيا آهن. جيڪو سنڌ حڪومت ۽ پ پ پ جي ويزن تحت صحت جي سهولتون فراهم ڪرڻ بابت وڏو رڪارڊ آهن ۽ ڊاڪٽر رحيم بخش ڀٽي جهڙن ماڻهن جي ڪم ۽ انساني خدمت سان سرشار هن شخصيت جنهن جي تمام ڪوششن ڪري هتي صحت جي سهولت حوالي سان خاص ڪري غريب ماڻهن کي سهولت ۽ ريليف جو ملڻ اڄ ڪلهه جي دور ۾ هڪ ڪرشمو آهي. ڳالهه اها آهي ته گمس جي ڪم ۽ ڪارڪردگي مان سنڌ جو عوام ايترو مطمئن آهي جنهن جي جيتري واکاڻ ڪئي وڃي. اها گهٽ ٿيندي. هن وقت ڳالهه اها آهي ته گمس جهڙي اداري تي اسان کي فخر آهي. هتي ملڪ جي غريب مريضن لاءِ صحت واري شعبي ۾ وڌ ۾ وڌ رٿابندي ۽ ناڻو خرچ ڪيو وڃي ته جيئن غريبن جو علاج ٿي سگهي. اميد آهي ته ملڪ جي غريب ۽ بي پهچ ماڻهن کي علاج معالجي جي سهولت هتان وڌيڪ بهتر نموني ملندي رهندي.

محمد اسلم ماڪو/پنوعاقل

مٺياڻي ڀورٽي ٻيلو جو اوج ۽ زوال

 اڄ کان پنجاهه سال اڳ جڏهن مٺياڻي ڀورٽي ٻيلي جو اوج هو ته وڏڙا ٻڌائن ٿا ته گهاٽن وڻن سبب سموري ٻيلي جي زمين  چراگاهه مثل هئي، ٻيلو کاتو قانون موجب ڀاڳين کان پن چري جي صورت ۾ لکين رپيا اوڳاڙي سرڪاري خزاني ۾ جمع ڪرائيندا هئا۔ مالوند مارو خوشحال هئا ۔   وڏي ڳالھه ته ڪناري سان وڏن وڻن ۽ گهاٽي جهنگ سبب  درياهه شاهه ٽيهارو سالن تائين پنهنجو مکيه وهڪرو بدلائي نه سگهندو هو ۔  بدقسمتي سان نوشهري فيروز ڄائو شمس الدين ميمڻ  ٻيلي کاتي ۾ ضلعي آفيسر ٿي ويو ۔ ۽ تر جي ٻيلائي ڀرٽ زميندارن جي لاٽري کلي وئي، ٻيلي کاتي جي ضلعي آفيسر مقامي سولنگي، ڀرٽ، پنهور پٽيوالن جمعدارن جي سهولتڪاري سان  ٻيلي جون چونڪڙيون وڍجڻ  ۽ زمينون ڀرٽ زميندارن کي فصل پوکڻ لاءِ ملڻ لڳيون، آخر اهو وقت به آيو جو  ٻيلي کاتي وڍرايل ڪجھه چونڪڙين ۾( هڪ چونڪڙي ۾ گهٽ ۾گهٽ ٻه سو ايڪڙ زمين هجي ٿي ) ٻٻرن جو نرسريون پوکرايون  ۔ انهن  نرسرين جي پاڻي ڏيڻ لاءِ بجلي تي هلندڙ ٽيوب ويل لڳرايا، جيڪي نرسرين تي گهٽ ۽ وڏيرن طرفان ٻيلي جي زمين ۾ پوکرايل فصل لاءِ وڌيڪ استعمال ٿيندا هئا نتيجي ۾ نرسريون پوکبيون ۽ تباهه ٿينديون رهيون، هوڏانهن ٻيلائي وڏيرا ۽ ٻيلي کاتي جا آفيسر خوشحال ٿيندا رهيا، وڌيڪ زمين جي حصول جي  هٻڇ ۾ٻيلائي وڏيرن درياهه جي ٻوڏ واري پاڻي جا پراڻا قدرتي لنگھه بند ڪرڻ شروع ڪيا نتيجي ۾ درياءَ  پنهنجا نوان گس ٺاهڻ لاءِ سوين ايڪڙ ٻيلي دريا برد ٿي وئي  جيڪا پڻ پاڻي لهڻ  تي ٻيلائي وڏيرا سرنهن مٽر چڻن جي پوکائي لاءِ استعمال ڪرڻ لڳا، جيڪو اڄ به جاري آهي، هن وقت ته هي صورتحال آهي جو  DFo فاريسٽ ۽ رينج فاريسٽ آفيسر پرائيويٽ راکا مقرر ڪيا آهن، جيڪي روزاني جي بنياد تي ڪاٺ جون ٽراليون وڍرائي رهيا آهن، ڪو به ٻيلي جي مالڪي لاءِ آماده ناهي، ٻيلائي ڀرٽ زميندار ايڪڙن جي حساب سان  ٻيلي جا وڻ عام ٺيڪيدارن کي نيلام ڪري رهيا آهن، ڇو ته dfo جي چوڻ مطابق ٻيلائي زميندار موجوده چيف ڪنزرويٽر فاريسٽ قاضي عبدالجبار جا آنڪي ڀريندڙ ۽ ذاتي واسطيدار آهن، کين پنهنجي نوڪري پياري آهي، بقيه حقيقتون ايندڙقسط ۾ تفصيل سان رکبيون.

عاقب علي/ صدر نوجوان انجمن الفلاح، ڪوڙيجا ڀاڻ