طلاق جو ڪافي وقت کان سوچيو پئي هاڻ خوش آهيون: عامر خان

0
269

ممبئي(شوبزنيوز) بالي ووڊ اسٽار عامر خان ۽ سندس گهرواري ڪرن رائو ۾ طلاق بعد سندن پهريون وڊيو پيغام جاري ڪيو ويو آهي. ڀارتي ميڊيا تي عامر جي ورچوئل انٽرويو جي وڊيو شيئر ڪئي وئي آهي. جنهن ۾ عامر خان چوي ٿو ته اسان جي عليحدگي سان توهان کي ڏک به پهتو هوندو، صدمو به ٿيو هوندو ته سٺو به نه لڳو هوندو. اسان توهان کي رڳو ايترو چوڻ چاهيون ٿا ته اسان تمام گهڻا خوش آهيون ۽ هڪ ئي خاندان آهيون، اسان جي رشتي ۾ تبديلي آئي آهي پر اسان ٻئي هڪٻئي جا ساٿي آهيون. ان لاءِ توهان اهو نه سوچجو. هن چيو ته اسان جي فائونڊيشن اڄ به اسان جي اولاد آزاد رائو خان جيان آهي، ان لاءِ اسان هميشه فيلمي رهنداسين، توهان اسان لاءِ دعا ڪريو ته اسان خوش رهون. هن چيو ته اسان ڪافي عرصي کان عليحدگي لاءِ سوچيو پئي هاڻ اها ٿي چڪي آهي. عامر ۽ ڪرن جي شادي 28 ڊسمبر 2005ع تي ٿي هئي.