خوبصورت اداڪارا منال بيمار، ڪمزور ٿي وئي، اسپتال داخل

0
174

ڪراچي (شوبزنيوز) من موهڻي اداڪارا منال خان طبيعت ۾ خرابيءَ سبب اسپتال پهچي وئي. منال خان جي مڱيندي احسن محسن اڪرام انسٽاگرام تي هڪ تصوير شيئر ڪئي آهي، جنهن ۾ منال کي اسپتال ۾ ڏسي سگهجي ٿو. احسن محسن اڪرام انسٽاگرام تي اسٽوري شيئر ڪندي ڪيپشن ۾ دل جي ايموجي سان گڏ لکيو ته ”جلدي ٺيڪ ٿي وڃو“. احسن محسن پنهنجي اسٽوري ۾ منال خان کي ٽيگ به ڪيو آهي، جيڪا بيماريءَ سبب ڪمزور لڳي رهي آهي.