ڏکڻ آفريڪا ويسٽ انڊيز کي ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ شڪست ڏئي ڇڏي

0
244

سينٽ جارج(اسپورٽس نيوز) ڏکڻ آفريڪا ويسٽ انڊيز کي آخري ٽي ٽوئنٽي مچ ۾ 25 رنز تان شڪست ڏئي 5 ميچز تي ٻڌل سيريز 3-2 تان پنهنجي نانءُ ڪري ورتي آهي. سينٽ جارج ۾ کيڏيل آخري ميچ ۾ ڏکڻ آفريڪا جي پهرين وڪيٽ ٻڙي تي ڪري پئي، پر ڊي ڪوڪ ۽ مارڪرم شاندار بيٽنگ ڪئي ۽ ٻنهي رانديگرن 128 رنز جي شاندار پارٽنر شپ قائم ڪئي.ڊي ڪوڪ 60 رنز ٺاهي آئوٽ ٿيو، ڪارڪرم 70 رنز جي شاندار اننگز کيڏي، ڏکڻ آفريڪا جو اسڪور 4 وڪيٽن تي 168 رنز رهيو. جواب ۾ ويسٽ انڊيز جي اوپنر ايون لوئس 52 رنز جي شاندار اننگز کيڏي، پر ٻئي طرف وڪيٽون وقفي وقفي سان ڪرنديون رهيون ۽ سموري ٽيم 9 وڪيٽن تي 143 رنز ٺاهي سگهي. ڏکڻ آفريڪا 25 رنز جي فتح سان سيريز کٽي ورتي.