ڪي پي ايل جي پهرين ايونٽ لاءِ ڊرافٽنگ مڪمل: پرڏيهي رانديگر به شامل

0
397

اسلام آباد(اسپورٽس نيوز)ڪشمير پريميئر ليگ(ڪي پي ايل) جي پهرين ايونٽ لاءِ رانديگرن جي ڊرافٽنگ مڪمل ڪئي وئي آهي، پاڪستان جي مشهور رانديگرن سان گڏ اوور سيز ڪيٽيگري ۾ ڏکڻ آفريڪا جي هرشل گبز، انگلينڊ جي فل ماسٽرڊ، اويس شاهه، ميٽ پريئر، مونٽي پنيسر ۽ سريلنڪا جي تلڪارتني دلشان جي چونڊ ڪئي وئي آهي. اسلام آباد ۾ ٿيل ڊرافٽنگ ۾ 6 فرنچائزز جي مالڪن، ڪوچز ۽ ڪپتانن حصو ورتو. ڪي پي ايل جي پلاٽينم ڪيٽيگري ۾ باغ اسٽالينز ۾ شان مسعود، ڪوٽلي لائنز ۾ ڪامران اڪمل، مظفر آباد ٽائيگرز ۾ سهيل تنوير، ميرپور رائلز ۾ شرجيل خان، اوورز واريئرز ۾ حيدر علي ۽ راولا ڪوٽ هاڪس ۾ محمد حسنين شامل آهن. ايونٽ 6 آگسٽ کان 16 آگسٽ تائين مظفر آباد ۾ کيڏيو ويندو. ٻئي پاسي شعيب ملڪ ڪي پي ايل جي پهرين ڊرافٽنگ تي خوشي جو اظهار ڪيو آهي.