طالبان جي جديد ترين ”بدري 313” فورس ڇا آهي؟

0
593

ڪابل: طالبان جا اسپيشل فورسز يونٽ ڪابل ۾ گشت ڪري رهيا آهن، جيڪي ويڙهاڪ گروپن جي روايتي حلئي کان بلڪل مختلف آهن. عام طور تي طالبان جي سڃاڻپ ويڙهاڪن سان ٿيندي آهي جيڪي شلوار قميش ۾ هوندا آهن ۽ سندن ڪلهن تي AK-47s هونديون آهن، پر طالبان جي ’بدري 313‘ بٽالين فورس بلڪل مختلف آهي. هن يونٽ کي پهرين طالبان جي تشهيري مواد ڏيکاريو ويندو هو پر مبينا طور تي هي يونٽ اعليٰ تربيت يافته ۽ جديد ترين فوجي سامان سان ليس آھي. اھو اڃان تائين واضح ناھي ته طالبان بٽالين لاءِ سامان ڪٿان حاصل ڪيو، پر اھو ظاھر آھي ته اهو آمريڪي فوجي ھارڊويئر ۽ ھٿيار ۽ افغان فورسز جي استعمال هيٺ رهندڙ سامان آهي. گروپ پاران جاري ڪيل وڊيوز ۾ ڏيکاريو ويو آھي ته بدري 313 سپاھي فوجي ھيلمٽ ۽ چشما پهريل آھن ، وٽن بلٽ پروف جيڪٽون ۽ جديد امريڪي هٿيار آهن.  ان کان علاوه، طالبان يونٽ وٽ جديد هٿيارن سان گڏوگڏ جديد جنگي بوٽ، ۽ اونده ۾ ڏسي سگهندڙ چشما موجود آهن، جنهن سبب طالبان ۽ ٻين ملڪن جي جنگي يونٽن ۾ فرق ڪرڻ مشڪل ٿي پوي ٿو. يونٽ جو نالو مبينا طور تي جنگ بدر جي نالي تي رکيو ويو آھي.