شڪارپور/ جيڪب آباد( نمائندن وٽان) سنڌ جي هڪ صوبائي صلاحڪار جي پروٽوڪول ۾ شامل  شڪارپور پوليس جي موبائل وسيلي بلوچستان مان هٿيار سنڌ اسمگل ٿيڻ جو انڪشاف، شڪارپور جي 3 اهلڪارن سوڌو 7 ڄڻا گرفتار، پوليس شڪارپور سان تعلق رکندڙ بااثر شخصيت جي پٽ کي آزاد ڪري ڇڏيو، ان ڏس ۾ جيڪب آباد پوليس بلوچستان جي سرحدي پٽي شنبي شاهه چوڪي وٽ بلوچستان کان ايندڙ پوليس موبائل ۽ ويگو گاڏي کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن تي پوليس موبائل جيڪب آباد جي اسپيشل اسڪواڊ پوليس جي موبائل گاڏي کي ٽڪر هڻي فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي، پوليس پاران واڪي ٽاڪي تي ميسج هلايو ويو جنهن کانپوءِ ٻين ٿاڻن جي پوليس ويگو ۽ پوليس موبائل جو پيڇو ڪري مولاداد ويندڙ روڊ وٽ کين پڪڙي ورتو،  موبائل مان وڏي مقدار ۾ هٿيار ۽ گوليون هٿ ڪيون ويون، پوليس پاران پڪڙيل پوليس موبائيل ۽ 3 جوابدارن کي ون فائيو سينٽر منتقل ڪري جوابدارن کي ڪمري ۾ بند ڪيو ويو، ميڊيا کي صرف هڪ جي ٿري ۽ هڪ ڪلاشنڪوف ۽ سوين تعداد ۾ گوليون ڏيکاريون ويون آهن ، ٻئي طرف ايس ايس پي جيڪب آباد سليم شاهه پڌرائي ۾ ڄاڻايو آهي ته بلوچستان کان ويگو  ۾ سوار هٿيارن جي ڊيلر ۽ پوليس موبائيل ۾ هٿيار ۽ گوليون اسمگلنگ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، حساس ادارن سان گڏجي شنبي شاهه چوڪي وٽ پوليس ويگو گاڏي کي روڪي 4 جوابدارن ذاڪر ڀيو، اختيار لاشاري، نبيل احمد ڀيو، توفيق گجر کي پڪڙيو ويو، جڏهن ته پوليس موبائيل مان اي ايس آءِ امتياز علي ڀيو، پوليس اهلڪار ثناءُ الله مڱڻهار، بقاءُ الله انڙ کي شڪ جي بنياد تي گرفتار ڪيو ويو،  گرفتار جوابدارن وٽان هڪ جي ٿري، هڪ ڪلاشنڪوف، جي ٿري جا 17 ميگزين، ڪلاشنڪوف جا 3 ميگزين ۽ 2 هزار 350 گوليون هٿ ڪيون ويون، ايس ايس پي موجب ته هٿيارن جو ڊيلر اختيار لاشاري بلوچستان کان سنڌ طرف هٿيار اسمگلنگ ڪري رهيو هو، انهي خلاف اڳ به هٿيار اسمگل ڪرڻ جا ڪيس داخل ٿيل آهن