اسلام آباد (بيورو رپورٽ) صدر عارف علوي جسٽس محمد علي مظهر کي سپريم ڪورٽ ۾ جج مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، ايوان صدر مان جاري ٿيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته صدر ڊاڪٽر عارف علوي آئين جي آرٽيڪل 175 اي تحت جسٽس محمد علي مظهر سپريم ڪورٽ جو جج مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي، جسٽس محمد علي مظهر سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جج طور خدمتون انجام ڏئي رهيو هو.